پارليامينٽ تي حملي جو فوجي ٽرائل ڇو نه ٿيو : آئيني بئنچ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل بابت اپيلن تي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته پارليامينٽ تي حملو ٿيو هو ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ پارليامينٽ سڀني کان سپريم آهي، ڇا پارليامينٽ پاڻ تي ٿيل حملي کي پنهنجي بي عزتي نٿي سمجهي؟، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته 9 مئي جو ڏوهه ٿيو، عدالتي فيصلي ۾ ان ڏوهه تي ڪلين چٽ ناهي ڏني وئي، سوال اهو آهي ته ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟ 21هين ترميم ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ نه هلايا ويندا، جسٽس محمد علي  مظهر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڏوهه قانون جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪڏهن ڏوهه آرمي ايڪٽ ۾ فٽ ٿيو ته ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو، ٻڌڻي دوران خواجا حارث دليلن ۾ چيو ته فيئر ٽرائل جو مڪمل طريقيڪار آرمي ايڪٽ ۽ رولز ۾ ڏنو ويو آهي، جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته 21 هين ترميم ۾ فيصلي جي اڪثريت ڪهڙي هئي، جنهن تي خواجا حارث چيو ته 21 هين ترميم جو اڪثريتي فيصلو 8 ججن جو آهي، اڪثريتي ججن ترميم کي پنهنجي انداز ۾ برقرار رکيو، جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا 21هين ترميم ڪيس ۾ ڪنهن جج ايف بي علي ڪيس تي عدالتي نظرثاني لاءِ راءِ ڏني؟ وڪيل خواجا حارث چيو ته ڪنهن جج نه چيو آهي ته ايف بي علي فيصلي جو عدالتي جائزو ورتو وڃي، جسٽس محمد علي مظهر وڌيڪ چيو ته فيصلي ۾ اٽارني جنرل جي حوالي سان لکيل آهي ته ڪيس کي 9 مئي جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي، ٻڌڻي دوران خواجا حارث عدالت کي ٻڌايو ته سياسي سرگرمين جي به ڪا حد هوندي آهي، رياستي ملڪيت تي حملو ڪرڻ، رياست جي سيڪيورٽي کي ٽوڙڻ سياسي سرگرمي ناهي، جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته پوليس اهلڪار جي وردي ڦاڙڻ ڏوهه آهي، ڪور ڪمانڊر لاهور جي گهر کي ساڙيو ويو، هڪ ڏينهن مختلف هنڌن تي هڪ ئي وقت حملا ٿيا، ماضي ۾ ماڻهو شراب خانن يا گورنر هائوس تي احتجاج ڪندا هئا، پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي جو هڪ ئي وقت مختلف شهرن ۾ حملا ٿيا، ان ڏوهه کان انڪار ناهي، جسٽس جمال مندوخيل پنهنجي جوابي ريمارڪس ۾ چيو ته پارليامينٽ تي حملو ٿيو ته فوجي ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ عدالت بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.