جڊيشل ڪميشن اجلاس، اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ 5 ججن جي مقرريءَ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اڪثريت راءِ سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ترتيبوار 2 ۽ 3 ايڊيشنل ججن جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جا ٻه اجلاس ٿيا.
جڊيشل ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب،پهرئين اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لاءِ ايڊشنل ججز جي مقرريءَ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ لاءِ ججز جي نامزدگيءَ تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد اعظم خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊشنل جج طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر انعام امين منهاس کي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊشنل جج طور مقرر ڪرڻ لاءِ منظوري ڏني وئي.
ٻئي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن وڪيلن، محمد آصف، محمد ايوب خان، ۽ محمد نجم الدين مينگل کي متفقه طور تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي ٻنهي اجلاس ۾ متفقه طور اهم فيصلا ڪيا ويا. اهڙا اميدوار جيڪي ضروري اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيا، مستقبل ۾ خالي عهدي لاءِ ٻيهر نامزد ٿي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.