ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڦر جي ڪوشش تي مزاحمت ڪرڻ دوران زخمي ٿيل بالي ووڊ نواب سيف علي خان جو ڀارت جي ليلاوتي اسپتال ۾ علاج جاري آهي جتي سندس حالت هاڻي سجري کانپوءِ خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سيف علي خان گهرواري ڪرينا ۽ پنهنجي ٻنهي پٽن ساڻ ممبئي جي علائقي باندرا جي 12 اسٽوري بلڊنگ رهي ٿو.
پوليس جي جاچ ۾ اڳڀرائي
پوليس واقعي کانپوءِ اپارٽمينٽ جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪئي، جنهن ۾ هڪ شخص کي ڀوري رنگ جي ڪالر واري ٽي شرٽ ۽ ڳاڙهو اسڪارف پاتل ڏٺو ويو، جيڪو عمارت جي ڏاڪڻين تان لهي رهيو.
حملو ڪندڙ چوري دوران اداڪار کان هڪ ڪروڙ رپيا طلب ڪيا، پر اپارٽمينٽ مان ڪنهن به زبردستي يا ڀڃ ڊاهه جا ثبوت نه مليا آهن.
پوليس معاملي جي جاچ جاري رکندي اڄ باندرا پوليس اسٽيشن تي هڪ شڪي شخص کان پڇا ڳاڇا ڪئي، پر اڃا تائين ڪنهن به شخص کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.
حملو ڪندڙ سيف جي گهر ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟
ڀارتي پوليس جي جاچ موجب، جوابدار چوري جي نيت سان عمارت ۾ داخل ٿيو ۽ سيف جي اپارٽمينٽ ۾ ڏاڪڻن ذريعي داخل ٿيو، عمارت جو اِهو حصو باهه جي صورت ۾ ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.
سيف کي ڦر جي اطلاع ڪنهن ڏني؟
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سيف جي ننڍي پٽ جَي جي نيني الياما فلپ سڀ کان پهرين حملو ڪندڙ کي ڏٺو.
نيني مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن باٿ روم جو در کوليو ۽ لائيٽ آن ڪئي ته کيس محسوس ٿيو ته اتي ڪرينا آهي، شڪ ٿيڻ سبب جڏهن هوءَ باٿ روم ڏانهن وڌي ته هڪ همراهه کي ٻاهر ايندي ۽ پوءِ تيمور ۽ جَي جي ڪمري طرف ويندي ڏٺو جنهن کانپوءِ ان همراهه مٿس حملو ڪندي هڪ ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو.
نيني موجب، حملو ڪندڙ کي روڪڻ جي ڪوشش دوران هوءَ زخمي ٿي پئي ان دوران هڪ ٻئي ملازم سيف علي خان جي ڪمري ۾ وڃي کيس اطلاع ڏنو ۽ پوءِ سيف به اچي ويو، سيف جي حملي آور مزاحمت ٿي ان دوران هڪ نوڪرياڻيءَ جوابدار کي ڪمري ۾ بند ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
نوڪرياڻي موجب، جوابدار ڪمري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه منٽن تائين موجود رهيو ۽ پوءِ ڀڄي ويو، فرار ٿيڻ دوران ڇهين ماڙ تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرا ۾ حملي آور جي تصوير محفوظ ٿي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس کي شڪ آهي ته حملو ڪندڙ گرائونڊ فلور تائين پهچڻ لاءِ فائر شاف جو استعمال ڪيو ۽ پونئن دروازي کان ٻاهر ڀڄي ويو.