ممبئي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ڀارتي ٽيم اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جي صورت ۾ وڏو جهٽڪو لڳڻ جو امڪان آهي.
چيمپئنز ٽرافي 2025ع کان اڳ ڀارت جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي جي زخمي ٿيڻ سبب ٽورنامينٽ ۾ سندس شموليت تي سواليا نشان بڻجي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ رنجي ٽرافي 23 جنوري کان شروع ٿي رهي آهي، جڏهن ته چيمپيئنز ٽرافي جي شروعات ۾ هڪ مهينو کان به گهٽ وقت بچيو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ويرات ڪوهلي جي زخمي ٿيڻ سبب ڀارت کي وڏو ڌچڪو لڳڻ جو خدشو آهي.
دهلي اينڊ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (ڊي ڊي سي اي) جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ويرات ڪوهلي کي ڳچي ۾ سَٽ آئي هئي، جنهن بعد کيس انجيڪشن لڳائي آرام جو مشورو ڏنو ويو .
ان ڏس ۾ ويرات ڪوهلي پنهنجي انجري بابت چوڻ هو ته ڳچيءَ ۾ سَٽ اُڀرڻ سنگين مسئلو نه بڻبو.
ٻئي پاسي ڪرڪيٽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مسئلو وڌيو ته ان سان چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ سندس شرڪت خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.
You might also like