تل ابيب( ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا غزا جنگبندي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي ڪابينا حڪومت کي جنگبندي معاهدو قبول ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، جنگبندي معاهدي جي منظوري لاءِ مڪمل ڪابينا جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪيو ويندو.
ياد رهي ته اربع جي ڏينهن قطري وزيراعظم اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ غزا جنگبندي معاهدي جو اعلان ڪيو هو، جنھن ۾ چيو ويو هو ته جنگبندي جي پهرئين مرحلي جي شروعات 19 جنوري کان ٿيندي.
پر اسرائيل طرفان جنگبندي بابت ڪو به باضابطا بيان جاري نه ڪيو ويوهو.
جنگبندي جي اعلان کانپوءِ اسرائيلي حڪومتي اتحاد ۾ اختلاف سامهون آيا هئا، ۽ نيتن ياهو جي انتهائي ساڄي ڌر وارين اتحادي پارٽين حڪومت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني.
You might also like