راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) 190ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي 14 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو ويو آهي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو.
فيصلي لاءِ عمران خان کي اڊيالا جيل آندو ويو، جڏهن ته بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽرگوهر به جيل پهتا، ان موقعي تي شعيب شاهين، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا وڪيل پڻ اڊيالا جيل ۾ موجود هئا.
عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال سخت پورهئي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.
جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جيڪڏهن عمران خان ڏنڊ ادا نه ڪيو ته کيس 6 مهينا وڌيڪ سزا ڀوڳڻي پوندي، جڏهن ته بشريٰ بي بي ڏنڊ ادا نه ڪيو ته کيس 3 مهينا وڌيڪ جيل ۾ رهڻو پوندو.
ان کانسواءِ عدالت القادر ٽرسٽ يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم پڻ ڏنو، جڏھن ته فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ بشريٰ بي بي کي عدالت جي ڪمري مان گرفتار ڪيو ويو.
سخت سيڪيورٽي جا انتظام
اڊيالا جيل جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا، امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ عورت پوليس اهلڪارن سان گڏ سادن ڪپڙن ۾ اهلڪار به مقرر ڪيا ويا.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف القادر ٽرسٽ يونيورسٽي بابت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي هڪ سال ۾ مڪمل ٿي، جنهن دوران 100 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون.
ڪيس جو پس منظر ۽ الزامن جا تفصيل
عدالت 18 ڊسمبر 2024 تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو ۽ فيصلو ٻڌائڻ لاءِ 23 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، پر فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير ٿي. پوءِ 6 جنوري، 13 جنوري ۽ آخر ۾ 17 جنوري 2025 تي فيصلو ٻڌايو ويو.
پي ٽي آءِ باني عمران خان تي الزام آهي ته هن پنهنجي اثر و رسوخ سان ڳجهي معاهدي کي وفاقي ڪابينا مان منظور ڪرايو، اڳوڻي احتساب بابت صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر 6 ڊسمبر 2019 نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي رزداري ڊيڊ تي صحيحون ڪيون جڏهن ته بشريٰ بي بي تي پي ٽي آءِ باني جي غيرقانوني سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو الزام آهي.