غيرقانوني طور پرڏيهه وڃڻ ناجائز قرار، فتويٰ جاري

لاهور)ويب ڊيسڪ) جامعه نعيميه طرفان پنهنجي فتويٰ ۾ غيرقانوني طور پرڏيهه وڃڻ کي ناجائز قرار ڏئي ڇڏيو.
جامعه نعيميه جي ڊاڪٽر مفتي راغب حسين نعيمي ۽ مفتي عمران حنفي پاران جاري ڪيل فتويٰ ۾ ڊنڪي لڳائي ٻاهرين ملڪن وڃڻ کي قانوني ۽ شرعي طور تي ناجائز قرار ڏنو ويو آهي.
فتويٰ ۾ چيو ويو آهي ته شريعت محمدي صلعم ۾ آپگهات ڪرڻ ۽ ان ڏانهن وٺي ويندڙ سمورا عمل حرام آهن، پاڻ کي موت جي منهن ۾ وٺي وڃڻ يا اهڙو قدم کڻڻ جيڪو موت جو سبب بڻجي، هرگز جائز ناهي.
فتويٰ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته پرڏيهه وڃڻ جا قانوني ۽ محفوظ رستا اختيار ڪيا وڃن. غيرقانوني ڪم جا پئسا وٺڻ ايجنٽن لاءِ به جائز نه آهن.
جامعه نعيميه جي فتويٰ ۾ حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته انساني جانين جي دشمن ايجنٽن خلاف قانون سازي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.