گڏيل عرب امارتن پاڪستان جا ارب ڊالر رول اوور ڪري ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) پاڪستان جا ٻه ارب ڊالر ڊپازٽس رول اوور ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته يو اي ايِ طرفان پنهنجي هڪ هڪ ارب ڊالر جي ٻن ڊپازٽس کي رول اوور ڪرڻ جي منظوري ملي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ اختيارين موجب، يو اي اي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ رکيل ٻنهي ڊپازٽس کي وڌيڪ هڪ سال لاءِ رول اوور ڪيو آهي، جيڪي جنوري 2025 ۾ ميچور ٿي رهيا هئا.
وزيراعظم شهباز شريف هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ قرض رول اوور ٿيڻ بابت قوم کي آگاهه ڪيو هو.
واضح رهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي، وزيراعظم گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان رحيم يار خان ۾ ٿيل ملاقات جا تفصيل شيئر ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.