ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽربئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ لاٿ جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 278 رپيا 71 پئسا آهي.
گذريل ڏينهن انٽربئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 86 پئسن تي بند ٿيو هو، اڄ ڊالر جي قيمت ۾ 14 پئسا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت پنج رپيا واڌ بعد 280 رپيا 99 پئسا ٿي وئي آهي.
You might also like