بدامني خلاف ڪريم بخش کوسو شهر ۾ هڙتال،جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) ڪريم بخش عوامي فورم پاران واپاري غلام سرور کوسو جي گهران سوا ڪروڙ ڌاڙي واري رقم برآمد نه ٿيڻ خلاف ڪريم بخش کوسو شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ کان پوءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي جيڪب آباد آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو،ڌرڻي ۾  انجمن تاجران، شهري اتحاد، جي يو آءِ، پ پ شهيد ڀٽو، سنڌ دوست ڪميٽي، پيپلزپارٽي، ايس ٽي پي، متحد کوسا اتحاد، مزدور شهري اتحاد، جسقم، عام انسان تحريڪ سميت سوين انگ ۾ سول سوسائٽي توڙي کوسو برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي ايس ايس پي آفيس آڏو لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي انجمن تاجران جي صدر احمد علي بروهي، جي يو آءِ امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ نديم احمد قريشي، سنڌ دوست ڪميٽي اڳواڻ انتظار حسين ڇلگري، مزدور شهري اتحاد صدر حاجي غلام نبي رند،هندو اڳواڻ سريچند ڀاوناڻي، ضلع ڪائونسل ميمبر ڊاڪٽر عبدالخالق کوسو،ايس ٽي پي اڳواڻ مجيد سرڪي، پيپلزپارٽي اڳواڻ مير رحمت الله کوسو، ضلع ڪائونسل ميمبر فاروق علي کوسو، عام انسان تحريڪ سيد علي شاھه، سول سوسائٽي جي غلام حسين کوسو،ڪلاٿ مارڪيٽ صدر گل حسن ٽالاڻي، مهراڻ سوشل فورم چيئرمين عبدالحئي سومرو،خالد حسين جھلڻ، محمد عالم کوسو سميت ٻين وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي واپاري توڙي شهري محفوظ ناهن هر ڏينهن ڦر جي واقعن سبب هندو برادري توڙي اڪثريتي برادري جي تيزي سان لڏپلاڻ جاري آهي،هنن چيو ته غلام سرور کوسو جي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي سوا ڪروڙ جو ڌاڙو هنيو ويو جنهن کي ٽي هفتا گذري ويا آهن پر پوليس رقم برآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي،پوليس عوام جي تحفظ بجاءِ ڏوهارين جي سهولتڪار بڻيل آهي هنن چيو ته ايس ايس پي  آفيس آڏو سوين ماڻهن جو ڌرڻو هئڻ باوجود چونڊيل نمائندا ايم پي اي توڙي ايم اين اي غائب هئڻ مان لڳي ٿو ته انهن جي عوام سان ڪابه همدردي ناهي رهي ايس ايس پي عوامي سمنڊ ڏسي آفيس مان فرار ٿيڻ ئي بهتر سمجهيو آهي،جڏهن ته  اڄ کان جيڪب آباد جي ڊي سي چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئمپ لڳائي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.