عمران کي سعودي عرب وڃڻ جي آڇ؟اسٽيبلشمينٽ – پي ٽي آءِ ڳالهين تي حڪومت کي ڳڻتي

اسلام آباد (اعزاز سيد+فخر دراني+ حماد حسن) حڪومت پي ٽي آءِ کي اهو جواب ڏئي سگهي ٿي ته جيڪڏهن ڪميشن ٺهندي ته پوءِ رڳو 9 مئي ۽ 26 نومبر تي نه پر 2014 ۾ جيڪو ڌرڻو هنيو ويو هو، پارليامينٽ تي جيڪو حملو ڪيو ويو، پي ٽي وي ۽ وزيراعظم هائوس تي حملو ٿيو، ان جي به جاچ ڪئي ويندي. حڪومت طرفان جواب اچڻ کانپوءِ ڏسڻو پوندو ته ڇا ٿئي ٿو. عرفان صديقي ۽ راڻا ثناءُالله پريس ڪانفرنس ڪئي جيڪا سٺي ڳالهه ناهي. ڳالهيون کلئي دل سان ٿي رهيون آهن ته اوهان کي برابر موقعو ڏيڻ گهربو هو. ٻئي پاسي کان صاحبزاده حامد رضا کي ويهارڻ گهربو هو. اڄ 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اچڻو آهي، عمران خان کي به خبر آهي ته کيس سزا ٿيڻي آهي. اطلاعن موجب بشريٰ بي بي کي سزا نه ملندي. عمران خان بئريسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور جي اسٽيبلشمينٽ سان ملاقات بابت تصديق ڪئي عمران خان ان تي خوش نظر اچي ٿو. کيس اميد جو ڪرڻو نظر اچي ويو آهي.  هاڻي جيڪو ڳالهين جو ٽيون مرحلو آهي اهو ڳالهين جو باقاعده فيز آهي. ڳالهين ۾ اهو ئي ٿيو هو ته پي ٽي آءِ ان ملاقات جي تصديق نه ڪندي. اها ڳالهه اسٽيبلشمينٽ به چئي هئي،بئريسٽر گوهر ملاقات جو انڪار ڪري رهيو هو پر عمران خان ڳالهه چئي ڇڏي، عمران  خان اهو پيغام حڪومت کي ڏنو. سيڪيورٽي ذريعن وٽان اهو ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪا ملاقات ٿي آهي ان کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي. بئريسٽر گوهر کي چيو ويو هو ته سياسي ڳالهيون اوهان سياسي پارٽين سان ڪريو. اسٽيبلشمينٽ جو پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سان هن وقت ڳٺ جوڙ ٿيل آهي. جڏهن اهي خبرون آيون ته پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور جي ملاقات ٿي آهي ته سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي حڪومتي ڌرين ۾ پيدا ٿي ته ڪٿي اختلاف ناهن ٿي پيا؟ ان ڳالهه کي به بچائڻو آهي ته تنهن جي ڪري اسٽيبلشمينٽ جي وضاحت اچي رهي آهي ۽ اهو تاثر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ سيڪيورٽي ذريعن وٽان اهڙي خبر ڏني وئي آهي.  اهو چيو پيو وڃي ته هاڻي جيڪا ملاقات ٿيندي اها هڪ وفاقي وزير يعنيٰ گهرو وزير ۽ ٻن پي ٽي آءِ اڳواڻن وچ ۾ ٿيندي،پي ٽي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ سان شادي ٿي وئي ته محسن نقوي ان جو گهوٽ بڻجي ويندو. ٿي سگهي ٿو هو پي ٽي آءِ ۾ هليو وڃي. انهن ڳالهين ۾ وقت لڳي سگهي ٿو،ٻئي پاسي اطلاع آهن ته عمران خان برطانيا ۽ آمريڪا وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي جنهن جي طاقتور حلقن اجازت ناهي ڏني،ذريعن موجب عمران خان کي رڳو سعودي عرب وڃڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي،سعودي شهزادي به حڪومت کي چيو آهي ته ڀلي عمران خان کي سعودي عرب موڪلي ڇڏيو،اتي هو ڪنٽرول ۾ به رهندو،ان سلسلي ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 17 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.