مٽياري ضلعي جا رهواسي ٻئي ٽول پلازا خلاف هڪ ٿي ويا، ڌرڻو

مٽياري/هالا/کيبر/ اڏيرولعل(نمائندا) مٽياري ضلعي جا رهواسي ٻئي ٽول پلازا خلاف هڪ ٿي ويا، ٽول پلازا واري جاءِ تي ڌرڻي ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. مٽياري ضلعي ۾ ٻئي ٽول پلازا جي قيام خلاف آل پارٽيز جي سڏ تي ھزارين ماڻهن ٽول پلازا واري جاءِ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ريلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، جسقم ،ايس يو پي، مسلم ليگ ن، جماعت اسلامي، جي يو آء، ايس ٽي پي ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن  نصير ميمڻ، سليم سنڌي ، سارنگ منگواڻو، عبدالرشيد لاکو، فقير محمد لاکو، اياز سهتو ۽ عبدالستار ڪوري، بهار سهتو ۽ ٻين  شرڪت ڪئي.  ٽول پلازه تي ٽول وصول ڪندڙ عملو ريلي کي ڏسي فرار ٿي ويو. مظاهرين جو چوڻ ھيو تہ جيستائين غير قانوني ٽول پلازا کي ختم نٿو ڪيو وڃي  تيستائين احتجاج جاري رهندو. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ جيستائين وزيراعظم پاڪستان عوامي مسئلي ٻئي ٽول پلازا کي ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو تہ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. مظاھرين جو چوڻ ھيو تہ اسان عوام ۽ وڪيلن جي طرفان غير قانوني ٽول پلازا جي خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن بہ داخل ڪرايل آھي. مظاھرين جو وڌيڪ چوڻ ھيو تہ سنڌ جي وڏي وزير، پي پي ايم اين ايز، ايم پي اي ۽ نواز ليگ سنڌ جي صدر بہ نيشنل ھاءِ وي جي اعليَ اختيارين کي ٽول پلازا نہ ٺاهڻ جو لکيو آهي پر اختيارين ڪنھن جي بہ ناھي ٻڌي. مظاھرين مطالبو ڪيو تہ عوامي مسئلو حل نه ڪرڻ ڪري وزيراعظم کي فوري طور تي استعيفا ڏيڻ گھرجي. جي يو آئي جي مرڪزي اڳواڻ عبدالرزاق عابد لاکو . اعظم جھانگيري ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ مٽياري ضلعي ۾ اڳ ئي ھڪ ٽول پلازا آھي ته  ٻيو ٽول پلازا لڳائي ضلعي جي عوام کان ڦرلٽ  ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽول ٺھڻ سان علائقي ۾ بدامني وڌندي روڊ تي ٽريفڪ جام جو آزار رھندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جو چوڻ ھو ته اڳواڻن سان طئي  ٿيو آھي ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اڳواڻن ۽ نيشنل ھائي وي اٿارٽي جي عملدارن  سان ڳالهيون ٿينديون جنھن ۾ جيڪو به فيصلو ٿيو ان تي عملدرآمد ٿيندو ڳالهيون ٻه ڏينھن جاري رھنديون، جنھن دوران ٽول پلازا تان ننڍين گاڏين کان اوڳاڙي بند رھندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.