ادارا مرضي جي حڪومت چاهين ٿا، سياستدانن کي جيلن ۾ نه هئڻ گهرجي \فضل الرحمان

لاهور(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياستدانن جي غلط رويي سبب پارليامينٽ بي معنيٰ ٿي وئي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته سياستدانن کي جيلن ۾ نه هئڻ گهرجي، ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي خلاف هئا، سياست ۾ انتقام جو تاثر نه اچڻ گهرجي. مان هميشه چوندو آهيان ته سياستدانن کي گرفتار نه ڪيو وڃي. هن چيو ته سياستدانن جي غلط روين سبب اڄ پارليامينٽ بي معنيٰ ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ ڌانڌلي کان پاڪ چونڊن جي ضرورت آهي، ادارا پنهنجي مرضي جي حڪومت ٺاهڻ چاهين ٿا، جنهن کي اهي پنهنجي لٺ سان هلائي سگهن پر اها هڪ ناجائز خواهش آهي. سندس چوڻ هو ته اسان نظرياتي سياست ڪرڻ چاهيون ٿا، اسٽيبلشمينٽ جي نظرين سان ڪو واسطو ناهي، اهي رڳو پنهنجي اٿارٽي کي مضبوط ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن آئين جي ڀڃڪڙي ٿي ته اهو بي معنيٰ ٿي ويندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ جي مطالبن جي مون کي خبر ناهي، منهنجي خواهش آهي ته مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿين. پهرين ترجيح عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ آهي. جيڪڏھن ڪنهن اداري پنھنجي حدن کي اورانگهيو  آهي،جيڪڏهن ڪا پارٽي پنهنجي حد کان ٻاهر نڪري وئي آهي ته ان کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ جي يو آءِ (ف) سربراهه چيو ته مان سياسي ماڻهو آهيان ۽ ڳالهين تي يقين رکان ٿو، ڳالهين ذريعي ئي مسئلا حل ٿيندا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٽرمپ کي ذهن تي سوار ڪرڻ جي ضرورت ناهي، آمريڪي عوام کي پاڻ بابت فيصلي جو حق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.