فاپواسا پاران سنڌ جي يونيورسٽين ۾اڄ کان ڪلاسن جي بائيڪاٽ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر)فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسي ايشن (فاپواسا) سنڌ برانچ جي صدر پروفيسر،  جنرل سيڪريٽري پروفيسر ناگ راج ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي صدر پروفيسر محسن علي سميت استادن پاران بيوروڪريٽس کي وي سي مقرر ڪرڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، خميس ۽ جمعي تي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ڪلاسن جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ بلوچستان فاپواسا جي صدر پروفيسر ڪليم الله سان جنرل ميٽنگ کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي استادن چيو ته سومر تي ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان استاد سنڌ اسيمبليءَ ۽ وزير هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو . استادن چيو آهي ته ايندڙ مرحلو سخت هوندو، هنن سمورن ميمبرن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي يونيورسٽين ۾ پريس ڪانفرنسون ڪن ۽ احتجاجي ريليون ڪڍين.  هن چيو ته اهي قدم بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر جو عهدو سنڀالڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ حڪومت جي خطرناڪ ڪوششن ۽ يونيورسٽين ۾ فيڪلٽي جي غير مستقل مقررين لاءِ کيس مسلسل حمايت جي جواب ۾ آهي،جيڪي اعلي تعليم جي ادارن جي خودمختياري لاءِ  نقصانڪار آهن ، هن چيو ته ڪانٽريڪٽ تي استادن جي ڀرتي افسوسناڪ آهي، کين ڪانٽريڪٽ تي رکڻ سان تعليم جو معيار خراب ٿيندو ۽ يونيورسٽيون تباهه ٿينديون. پروفيسر ناگراج چيو ته 18هين ترميم جو مقصد اختيارين کي هيٺين سطح تائين غير مرڪزيت ڏيڻ هو پر پيپلزپارٽي اختيارين کي غير مرڪزيت ڏئي رهي آهي، ائين نه ٿئي ته يونيورسٽين جا استاد 18هين ترميم خلاف جدوجهد شروع ڪن. پروفيسر محسن علي مطالبو ڪيو ته وائيس چانسلر جي عمر جي حد وڌائي 65 سال ڪئي وڃي ۽ وائيس چانسلر جي عهدي لاءِ سنڌ جي ڊوميسائيل جي شرط کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن سڄي پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن جا اعليٰ تعليم يافته ماهر به وائيس چانسلر جي عهدي لاءِ اميدوار بڻجي سگهن ٿا، هن چيو ته صدر آصف زرداري کي ان حوالي سان خط به لکيو پر سنڌ حڪومت پنهنجي ئي صدر جي ڳالهه نه ٻڌي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.