ڪراچي(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي يونيورسٽين جي ايڪٽ ۾ ترميم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ھي سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي تباھ ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن سان نه رڳو تعليم جو معيار خراب ٿيندو پر ادارن جي رهي سهي ساک به ختم ٿي ويندي، پنھنجي بيان ۾ هن جو چوڻ هو ته هي هڪ پسمانده قدم آھي ان جو تعليمي معيار تي سنگين اثر پوندا،اعليٰ تعليمي ادارن ۾ وائيس چانسلري جي لاءِ سول ملٽري بيوروڪريسي جي لاءِ راھ هموار ڪئي پئي وڃي هن مطالبو ڪيو ته اهو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.