ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه جي سرڪاري جهاز تي خاندانن سميت سفر ڪندڙ آفيسرن کي معطل ڪيو ويو، ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 17 گريڊ جي پي ايم ايس ڪيڊر جي سيڪشن آفيسر وي آءِ پي فلائيٽ کي معطل ڪيو ويو آهي،نوٽيفڪيشن موجب پروٽوڪول آفيسر سنڌ هائوس کي به معطل ڪيو ويو آهي،سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه موجب جهاز ٽيسٽ فلائيٽ طور ڪراچي اچي رهيو هو، معطل ڪيل ٻئي آفيسر بغير اجازت جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئا.
-
پاڪستان ريلوي کي خانگائڻ خلاف تحريڪ جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر ) ريلوي پريم يونين پاران پاڪستان ريلوي کي خانگائڻ واري متوقع فيصلي کي رد ڪندي، اھڙي فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي "ريلوي جي نجڪاري، ملڪ سان غداري” جي نعري هيٺ هڪ وڏي احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي.ان حوالي سان پريم يونين جي چيئرمين ضياءُ الدين انصاري، صدر شيخ محمد انور، سيڪريٽري جنرل خير محمد تونيو، عبدالقيوم اعواڻ ۽ چيف آرگنائيزر خالد محمود چوڌري ۽ ٻين جو چوڻ آھي تھ ريلوي جي نجڪاري جي خلاف فيصلو پريم يونين جي هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس ۾ ڪيو ويو آھي، جنھن تحت نجڪاري جي پھرئين مرحلي ۾سموري ملڪ اندر پوسٽرن ۽ بينرن وسيلي پاڪستان ريلوي جي ملازمن ۽ عام پاڪستاني شهرين کي آگاهي ڏيڻ ۽ منظم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو تھ نااھل حڪمرانن جي غلط فيصلن سبب پاڪستان ريلوي جھڙي عظيم اداري کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اداري اندر نئون پينشن سسٽم ۽ گريجوئيٽي قانون ختم ڪري پراڻو نظام بحال ڪيو وڃي.
-
مصطفي’ڪمال ۽ ٻين خلاف نيب ريفرنس رد ڪرڻ لاءِ اپيل داخل
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفي’ڪمال سميت ٻين خلاف غيرقانوني الاٽمينٽ وارو نيب ريفرنس ڪيس ۾احتساب عدالت پاران ريفرنس بحالي جي درخواست رد ڪرڻ خلاف نيب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت نيب جي پراسيڪيوٽر کان اپيل جي ٻڌڻي جوڳي هئڻ تي دليل طلب ڪندي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته ڪلفٽن ۾ سرڪاري ايراضي جي غيرقانوني الاٽمينٽ جو ريفرنس 2019 ۾ داخل ڪيو ويو هو.
-
ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل جا گرفتاري وارنٽ جاري
ڪراچي(رپورٽر)ايم ڊي اي ۽ ڪي ڊي اي جي مرحوم ملازمن جون رھتون ادا نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ڊي جي ڊائريڪٽر جنرل جي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت پاران ڊي جي ڪي ڊي اي کي 25 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ايس ايس پي کي وارنٽ جي تعميل ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو، عدالت چيو ته ڊي جي ڪي ڊي اي گذريل ٻڌڻي تي به پيش نه ٿيو ۽ نه ئي شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرايو، ايم ڊي اي پاران مرحوم ملازمن جون رهتون ادا ڪرڻ لا۽ مهلت جي استدعا ڪئي وئي،عدالت ايم ڊي اي کي 18 جنوري تائين رهتون عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.
-
مريم نواز خلاف اڻوڻندڙ مواد تي عمران رياض ۽ شهباز گل خلاف ڪيس
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پاران متحده عرب امارات (يو اي اي) جي صدر محمد بن زيد النهيان ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز خلاف سوشل ميڊيا تي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) جي مدد سان ٺاهيل انتهائي بدنامي وارو مواد شيئر ڪرڻ تي وڌيڪ 5 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آرز موجب ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۾ يوٽيوب عمران رياض خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ شهباز گل به شامل آهن.ايف آءِ اي عملدارن تصديق ڪئي آهي ته ڪيسن ۾ نامزد ٻين ٽن جوابدارن کي لاهور، ملتان ۽ فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو ۽ سندن موبائل فون هٿ ڪيا ويا.