سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ايس يو پي جون مشعل بردار ريليون

عمرڪوٽ/سيوهڻ/ڪوٽڙي(نمائندا ) ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي عظيم رھبر جي ايم سيد جي سالگرھ جي مناسبت سان ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ايس يو پي ڊويزنل اڳواڻ روشن مڱريو ۽ ضلعي صدر گل بجير جي اڳواڻي ۾ موتي چوڪ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي جتي اڳواڻن روشن مڱريو، گل بجير، وڪيل گل منير ولھاري خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد تاريخ جو سچ ھو جنھن سنڌ جي ماڻھن کي قوم جو درجو ڏنو ھنن وڌيڪ چيو ته ھي ريلي سنڌ جي وسيلن جي نيلامي ۽ سنڌوءَ درياھ تي لڳل ڌاڙي خلاف آھي هوڏانهن سيوھڻ ۾ سوين ڪارڪنن مشعل بردار ريلي ڪڍي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سنڌو تي غيرقانوني طور ٺهندڙ 6 ڪئنال منصوبن خلاف زوردار نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي عبدالحڪيم بڙدي، محمد خان سولنگي، مريد بروهي، فريد ٻگهيو، امام علي جتوئي تاج محمد پنهيار، منصو چنا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سن جي سيد پنهنجي حياتي ۾ هميشه سچائي جو ساٿ ڏنو ان ڪري تاريخ کيس اڄ به سنھري اکرن ۾ ياد ڪري ٿي،6 ڪينالن وارو اعلان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو.هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 121 ھين سالگراھ جي حوالي سان ڪوٽڙي ۾ مشعل بردار ريلي احتجاج سيد جلال محمود شاھ جي فرزند سيد سارنگ شاھ، خدابخش ٿيٻو، فياض سومرو، خالد لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي جي المدينا چوڪ تي مشعل بردار ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ ۽ قوم جو اهڙو رهبر آهي جنهن سڃاڻپ ڏني هو محب وطن هو هن نيڪ نيتي ۽ سچائي سان سنڌي قوم جو ڪيس رکيو سندس سالگرھ سنڌي قوم جي جشن جو ڏينهن آهي هنن چيو ته ڪو به ڪئنال ڪڍڻ کان اڳ عام ماڻهن جو اعتراض کي ٻڌو ويندو آ پر هتي حڪمران پنهنجي منهن فيصلا ڪري سنڌ ۽ قوم کي تباھ ڪرڻ جي سازش ۾ رڌل آهن اسين سنڌو درياھ مٿان ڪنهن به ڪئنال کي قبول نه ڪنداسين .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.