ڪرم کان بگن ويندڙ امدادي قافلي تي دهشتگردن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 6 حملي آور مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪرم ضلعي لاءِ ٽل ڪينٽ کان ويندڙ امدادي قافلي تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 6 حملي آور مارجي ويا.
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪرم موجب اڄ ڪرم کان بگن ويندڙ ٽئين امدادي قافلي تي دهشتگردن راڪيٽن سان حملو ڪيو ۽ فائرنگ به ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو.
هن ٻڌايو ته حملي سبب قافلي ۾ شامل 3 گاڏين کي نقصان پهتو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 10 زخمي به ٿيا.
ان کان اڳ ڪرم لاءِ ٽئين قافلي جي پهرئين مرحلي ۾ 35 مال بردار گاڏيون روانيون ڪيون هيون، جن ۾ دوائون، سبزيون، ميوا ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون شامل هيون، جڏهن ته قافلي جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس، ايف سي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.