پنجاب ڪالاباغ ڊيم جو خوفناڪ پلاند ڪري رھيو آھي،سنڌي مزاحمت ڪندا:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان  سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي صدر مقبول هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ سانا اڳواڻ اعجاز ترڪ، علي خاصخيلي، خليل ميمڻ، غفار  سومرو، ناصر جمال پٺاڻ، ستار هاليپوٽو، لطف هاليپوٽو۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽ ملاقات ڪئي ملاقات دوران عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ، اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ سميت سڄي دنيا ۾  رھندڙ 10 ڪروڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھندا ،ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش آهي،هن چيو ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري اوچتو ناهي ڏني وئي، سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي تاريخ پراڻي آهي، پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. پنجاب ڪالاباغ جو خوفناڪ پلاند ڪري رھيو آھي. چولستان ڪئنال نڪرڻ کانپوءِ سنڌ۽ سنڌي ماڻهو مڪمل تباھ ٿي ويندا. هن چيو ته   سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر سنڌ جو عوام بدحال ۽ 17 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جا حڪمران خوشحال آهن پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ وزيرن، مشيرن سنڌ مان اربين روپيا ڪرپشن ذريعي  لٽي دبئي آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن لاءِ منتقل پنهنجي بي پناھ دولت ٺاهي آهي. هن چيو ته  پيپلز پارٽي اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. ڀنگ نه ملڻ ڪري مغوين کي قتل ڪيو پيو وڃي،سڄي سنڌ ۾ دھشت ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آھي،مقبول ھاليپوٽو چيو ته سنڌ صدين کان رواداري، سھپ، امن واري ڌرتي آھي، سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي ته انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا اڳواڻ ارسلاه بهلڪاڻي، خادم سمون، شوڪت سريوال، رفيق ڪنراڻي، زينت سمون، نصرت خاصخيلي، صبا خادم، شائسته ابڙو، رخسانا بهلڪاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.