پارليامينٽ ۽ عدليه صنفي برابري لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا:جسٽس محسن اختر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني جوڊيشل ڪميشن ۾ عورتن کي برابري جي نمائندگي نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 26 هين ترميم ذريعي ٺاهيل جڊيشل ڪميشن ۾ صرف هڪ عورت آهي، آخر ڪهڙو سبب آهي جو عورتن کي ڪميشن ۾ برابر نمائندگي نه ڏني وئي؟ ؟ مان پارليامينٽ ۽ عدليه کان شڪايت ڪريان ٿو ته توهان صنفي برابري لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيا آهيو. اسلام آباد ۾ صنفي برابري جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته تقريب ۾ عورتن کي يونيفارم ۾ ڏسي خوشي ٿي.  اسان پاڪستانين جي حيثيت ۾ صنفي برابري کي سمجهي نه سگهيا آهيون، اهو تصور اسان جي روين ۾ شامل نه ٿي سگهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ تازو ئي آئين جي 26هين ترميم پاس ڪئي آهي، 26هين ترميم کانپوءِ جڊيشل ڪميشن ۾ صرف هڪ عورت آهي.  آخر ڪهڙو سبب هو جو عورتن کي ڪميشن ۾ برابري جي سطح تي نمائندگي نه ڏني وئي؟  چاليهه ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو، جن مان ٻه عورتون وڪيل آهن.  سڄي ملڪ ۾ 33 سئو جج ۽ 40 هزار اسٽاف آهن، عدليه جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اسپيڪر هڪ عورت کي نامزد ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج اهو به چيو ته جوڊيشل ڪميشن ۾ عورتن کي برابري جي نمائندگي ڏني وڃي ها، نون ججن جي مقرري لاءِ عورتن کي برابري جي بنياد تي نامزد ڪيو وڃي ها. مون کي پارليامينٽ ۽ عدليه کان شڪايت آهي ته توهان صنفي برابري لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري رهيا، جڏهن پاليسي سازي ۾ عورتون ئي ناهن ته پوءِ صنفي برابري جي ڳالهه ڪير ڪندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ فيملي ڪورٽ جي هڪ به عورت جج ناهي ۽ نه ئي اسلام آباد ۾ هڪ به عورت پراسيڪيوٽر مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاليسي ميڪرز ۽ انتظاميا ٻنهي سطح تي عورتن کي نمائندگي ڏني وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج چيو ته اهو ڏسڻو آهي ته عورتن کي ڊيوٽي دوران ٻارن جي سنڀال ڪرڻ جي سهولت آهي يا نه، اسان کي ڪم ڪندڙ عورتن کي اسپيشل الائونس ڏيڻ گهرجي.جسٽس محسن اختر ڪياني وڌيڪ چيو ته هڪ عورت ويم جي موڪل لاءِ درخواست ڏئي ٿي ته ان خلاف بدانتظامي جي ڪارروائي شروع ٿي ويندي آهي، اسان کي عورت ججن لاءِ الڳ پاليسي ميرٽ ٺاهڻي آهي. هن چيو ته ترقين ۽ مقررين ۾ عورتن جي ڪوٽا ڌار هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.