ڪنهن زماني ۾ ھڪ بادشاهه ھوندو هو، ان جي سلطنت هئي، وزير هئا، فوج هئي، جنرل هئا ۽ ٽيڪس جمع ڪندڙ هئا. جيڪڏهن بادشاهه مرندو هو، ته پٽ هڪ ٻئي کي مارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ جيڪو بچي ويندو هو، اهو پاڻ بادشاهه بڻجي ويندو هو.جيڪڏهن ڪنهن جي بادشاهت گهڻي وقت تائين قائم رھندي ھئي تھ اھو پاڻ کي شهنشاهه سڏائڻ لڳندو ھو. اسان وٽ اڪبر بادشاھ مستند شهنشاهه بڻيو، ۽ اسان جي پاڙي ۾ ڪو لڳ ڀڳ اڍائي هزار سالن کان پوءِ رضا شاهه پهلوي به شهنشاهه سڏائيندو ھو. سندن خام خيالي اھا ھئي تھ هو خود کي بادشاهن کان اڳتي جي ڪا شيءَ سمجهندا هئا.اھڙي طرح جي خوش فھمي اسان جي ملڪ ۾ جنرل ايوب کي بھ ٿي هئي، هن پنھنجو پاڻ کي فيلڊ مارشل جو رتبو ڏئي ڇڏيو ھو.
هاڻي پارلياماني جمهوريت جو دور آهي، ڊڪٽيٽر بھ ڪڏهن چونڊون ڪرائي وٺندا آهن. جتي جتي به راڻي يا بادشاهه موجود هوندا آهن، انهن کي علامتي سربراھ سمجهيو ويندو آهي.پر ماڻهو پنهنجا حڪمرانن پاڻ چونڊيندا، وارو ماڊل گذريل صديءَ ۾ ئي مشڪوڪ نظر اچڻ لڳو ھو، جڏهن افغانستان ۾ ڪميونزم جي قبرستان ٺاهڻ کان پوءِ پتو پيو تھ نظرياتي جنگيون اصل ۾ ڍڪوسلا ( پردو ) هيون. دنيا ۾ اصل حڪمران اهي ڪمپنيون آهن جيڪي جنگي جهاز ۽ بم ٺاهينديون آهن ۽ بهتر زندگي جا خواب وڪڻنديون آهن.
جنرل ڊائنامڪس ايف 16 ٺاهي ٿي. ميڪڊونلڊ برگر ٺاهيندو آهي. ٻنهي جو ھڪ ئي مقصد آهي ته اسان جو ڌنڌو سڄي دنيا ۾ جاري رهڻ گھرجي. دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي جنگ بھ جاري رھڻ گھرجي.نھ تھ اسان جا بم ٺاهڻ وارا مزدور ڇا کائيندا ۽ اسان پنهنجي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي ڪروڙين ڊالر ڪٿان ڏينداسين؟ جنگ کان پوءِ، ٿورڙو امن بھ کپي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ٿورو سڪون ۾ هوندا، ته اهي اسان جا برگر بھ کائيندا.هن صديءَ ۾، ايمازون، فيس بڪ، ۽ ايڪس نالي وارين ڪمپنين ماضي جي بادشاهتن ۽ سپر پاورز کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
توهان دنيا بابت ڇا ڄاڻو ٿا ۽ ڇا نٿا ڄاڻو، حق ڪٿي آهي، ناحق ڪٿي وڃي رھيو آھي توهان کي گانو ڪھڙو ٻڌڻو آھي، توهان کي ووٽ ڪنھن کي وجھڻو آھي، توهان جا نفسياتي مسئلا ڪهڙا آهن، اهو سڀ حساب ڪتاب انھن ڪمپنين وٽ موجود آهي.پر ڪمپني جي ان نئين حڪومت جو بادشاهه، يقينن ايلون مسڪ آهي.
جيڪڏهن توهان وٽ ڪو ڏهه، ٻارهن سالن جو ٻار آهي ته ان کان پڇو، هن کي شهباز شريف جي نالي جي خبر نه هوندي، عمران خان جو نالو ھن شايد ٻڌو هجي، هن کي يقينن جنرل عاصم منير جي باري ۾ خبر نه هوندي، پر هن کي اھو علم ھوندو تھ ايلون مسڪ ڪير آهي.دنيا جو امير ترين ماڻهو، بجلي سان ھلندڙ ڪارون ٺاهي ٿو. خلا ۾ راڪيٽ موڪلي ٿو ۽ هاڻي ايڪس خريد ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي سمارٽ فون سان دنيا جو شهنشاهه بڻجي ويٺو آهي.
پنھنجي ملڪ ۾ ٽرمپ کي کٽرائڻ کانپوءِ ۽ سندس صلاحڪار مقرر ٿيڻ کان پوءِ، هو باقي دنيا ۾ پڻ پنهنجي شھنشاھيت جو رنگ ڄمائڻ لاءِ نڪتو آھي.برازيل جي ججن تي حڪم ھلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سينئر صحافي زبير احمد جي بقول: ”برطانيه ۾ جيڪڏھن ڪا اپوزيشن آھي تھ اھا، ايلون مسڪ آهي.“ جرمني ۾ حڪومت ڪنھن جي ھجڻ گھرجي.ان جو فيصلو ھو ڪندو. جيڪڏهن انسان مريخ تي پهريون گهر ٺاهيندو ته اهو هن جو هوندو.
پراڻا شهنشاهه ڳلي تي تلوار رکي پڇندا ھئا، ٻڌاءِ ڇا دل سان مون کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪرين ٿو. ايلون مسڪ ايڪس تي هڪ سٽ لکي ٿو ۽ پڇي ٿو، ٻڌاءِ، ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو يا ڪنهن ٻئي سان.اڳوڻن بادشاهن کي خبر نه آھي ته ماڻهو دل سان پيار ڪندا ھئا يا نه، پر انهن جي لباس تي ھيرا موتي ٽانڪيل ڏسي انھن جون اکيون ضرور حيران ٿي وينديون هيون ۽ اهي سمجھندا ھوندا تھ هي دنيا تي خدا جو اوتار آهي.هاڻي ڪو ڏهه سالن جو ٻار به توهان کي ٻڌائي سگهي ٿو ته جڏھن کان ٽرمپ کٽيو آھي، اڃان صدر ناھي بڻيو سندس دولت ۾ ڪيترن ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي.هو پنهنجي هڪ اڪائونٽ مان دنيا کي ايئن هلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيئن اسان جي ننڍپڻ ۾ اميرن جا ٻار ريموٽ ڪنٽرول ٽينڪ سان رعب وجھندا هئا.
غالب ته رڳو چيو هو ته ”بازيچھ اطفال ھئي دنيا ميري آگي“ ( يعني ھي دنيا منهنجي اڳيان ٻارن جي راند آهي.) ھاڻي ايلون پاڻ هڪ اسرائيلي فوجي جيڪٽ پائي پھچي بھ وڃي ٿو ۽ واپس اچي ڪجهھ وڌيڪ ارب ڊالر ميڙي ٿو وٺي. دنيا جي امير ترين ماڻهوءَ پنھنجو پاڻ کي غريب ۽ محروم سمجھندڙ ماڻهن کي اهو سبق سيکاريو آهي تھ مان توهان سان گڏ آهيان. توهان جي فتح ان ۾ آھي تھ مون کي ڏهه يا ويهه ڊالر ٻيا ڏيو نھ تھ ھي دنيا ختم ٿيڻ واري آهي.
هڪ قديم شهزادي هئي جنهن تي الزام هو ته ھن غريبن کي چوندي هئي ته جيڪڏهن ماني نھ ٿي ملي ته، ڪھڙو مسئلو آھي ڪيڪ کائو.ايلون مسڪ اسان کي چئي رهيو آهي ته زمين ختم ٿي رهي آهي، پوءِ ڇا ٿي پيو، اسان سڀ مريخ تي ھلي ڪري آباد ٿينداسين. مون کي ڪجھه وڌيڪ ڊالر ڏيو تھ مان توکي بھ پاڻ سان گڏ وٺي ھلندس.
جيڪڏهن توهان وٽ ڪو ڏهه، ٻارهن سالن جو ٻار آهي ته ان کان پڇو، هن کي شهباز شريف جي نالي جي خبر نه هوندي، عمران خان جو نالو ھن شايد ٻڌو هجي، هن کي يقينن جنرل عاصم منير جي باري ۾ خبر نه هوندي، پر هن کي اھو علم ھوندو تھ ايلون مسڪ ڪير آهي.دنيا جو امير ترين ماڻهو، بجلي سان ھلندڙ ڪارون ٺاهي ٿو. خلا ۾ راڪيٽ موڪلي ٿو ۽ هاڻي ايڪس خريد ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي سمارٽ فون سان دنيا جو شهنشاهه بڻجي ويٺو آهي.