ادارا پنهنجي مرضي جي حڪومت ٺاهڻ چاهين ٿا، سياستدان جيل ۾ نه هجڻ گهرجن: فضل الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مان سدائين چوندو آهيان سياستدانن کي جيل ۾ نه هجڻ گهرجي، ملڪ کي ڌانڌلي کان پاڪ چونڊن جي ضرورت آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته سڀ کان پهرين ترجيح عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ آهي، سياسي ماڻهو آهيان، تڏهن سدائين ڳالهين جي حمايت ڪندو آهيان، مون کي پي ٽي آءِ جي مطالبن جي خبر ناهي، خواهش آهي ته مسئلا ڳالهين سان حل ٿين.
هن چيو ته سياستدانن جي غلط روين سبب اڄ پارليامينٽ بي معنيٰ ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ ڌانڌلي کان پاڪ چونڊن جي ضرورت آهي، ادارا پنهنجي مرضي جي حڪومت ٺاهڻ چاهين ٿا، جنهن کي اهي پنهنجي لٺ سان هلائي سگهن پر اها هڪ ناجائز خواهش آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان نظرياتي سياست ڪرڻ چاهيون ٿا، اسٽيبلشمينٽ جي نظرين سان ڪو واسطو ناهي، اهي رڳو پنهنجي اٿارٽي کي مضبوط ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن آئين جي ڀڃڪڙي ٿي ته اهو بي معنيٰ ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.