لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر صائم ايوب هڪ ئي رانديگر تي ڀاڙڻ جي حوالي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
لنڊن ۾ موجود صائم ايوب چيو ته مان ان ڳالهه سان اتفاق نٿو ڪيان ته سڄي ٽيم مون تي ڀاڙيندي آهي، واضح ٿو ڪيان ته اهو ممڪن ناهي ٽيم هڪ رانديگر سبب فتح حاصل ڪري پر ميچ کٽڻ ۾ سڀني رانديگرن جو ڪردار هوندو آهي.
هن چيو مون کي خبر ناهي ته ڪيستائين مڪمل تندرست ٿي سگهندس، مان ۽ ڊاڪٽر ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، قوم منهنجي صحتيابي لاءِ دعا ڪري.
You might also like