پاڪستان ڪڏهن به باضابطا اتحادي ناهي رهيو: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سلامتي ڪائونسل جي صلاحڪار جان ڪربي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به آمريڪا جو ڪنهن معاهدي ۾ پابند رسمي اتحادي ناهي رهيو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن معمول جي پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان گذريل سالن دوران دهشتگردي خلاف آمريڪي ڪوششن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به قسم جو باضابطا دفاعي معاهدو نه ٿيڻ باوجود دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڪردار سان پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ سيڪيورٽي خدشن بابت ترجيحن جو اندازو ٿئي ٿو.
جان ڪربي چيو ته پاڪستان ڪڏهن به آمريڪا جو ٽيڪنيڪي اتحادي ناهي رهيو، يعني پاڪستان سان اتحاد جو ڪو معاهدو نه هو.
هن چيو ته يقيني طور تي گذريل ٻن ڏهاڪن کان اسان پاڪستان سان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀائيواري ڪئي، جيڪا هاڻ به جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.