اسلام آباد(م ڊ)سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي بحث لاءِ پ پ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان سينيٽ ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي،هن چيو ته اهڙيون خبرون آهن ته حڪومت سنڌودرياهه تي بئراج،ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ تي غور ڪري رهي آهي،سنڌ جا هيٺيان علائقا اڳ ۾ پاڻي کوٽ جو شڪار آهن،پاڻي جي ذخيرن تي بحث کان بغير 7 ملين ايڪڙ نئين زمين تي پوکي ۽ آبپاشي جي منصوبي سان سنڌ جي عوام ۾ قحط،زمينون بنجر ٿيڻ جو خوف پيدا ٿيندو،هن چيو ته ايوان معمول جي ڪارروائي معطل ڪري مسئلي تي بحث ڪري