خانگي ڀائيواري سان معاشي انقلاب آڻي سگهون ٿا: بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾  سنڌ صوبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ وارن منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ توانائي واري وزير ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ ڊي جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اسد ضامن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر زراعت، ماهيگيري ۽ اليڪٽرانڪ گاڏين جي چارجنگ سميت مختلف شعبن ۾ بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن بابت بريفنگ ڏني، اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته صحت کان وٺي انفراسٽرڪچر تائين، سنڌ حڪومت سرڪاري-خانگي منصوبن ذريعي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائي رهي آهي، هن چيو ته اسان ملڪ ۾ سرڪاري-خانگي ڀائيواري جي منصوبن ذريعي معاشي انقلاب آڻي سگهون ٿا، جنهن ۾ زراعت ۽ ماهيگيري وارا شعبا شامل آهن. بلاول چيو ته سنڌ حڪومت پياري ملڪ کي ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل جي صورت ۾ هڪ ڪامياب معاشي فارمولو ڏنو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1993 ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو ويزن ڏنو، جنهن جا نتيجا اڄ سڀني جي سامهون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.