سنڌي ڪامورن سبب سنڌ تباهه ٿي،سرداري نظام خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي\

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ( سانا) جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو چيو ته حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو کان اول به ڪافي وڏيون شخصيتون موجود هيون، جن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ پنهنجي جدوجهد ڪئي هئي، سنڌ جي سياست ۽ اڳواڻي ۾ هر اڳواڻ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پر جي ايم سيد سنڌ کي جديد سڃاڻپ ڏني ،هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو  پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي طرفان پنهنجي لکيل ڪتاب ”  سنڌ جو عالمي  پسمنظر ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل ۽ ابتدا” جي مهورتي تقريب ۾ تقرير ڪندي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به هڪ قوم تي مشتمل ملڪ نه آهي، پر ان ۾ چار قومون، مختلف نسل ۽ مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا. هن چيو ته  هي ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي عوام جي پيڙها، مسئلن، نوجوانن جي گمشدگي، پاڻي ۽ انساني حقن جي رياست طرفان ٿيندڙ پائمالي جي پس منظر م عالمي طور مظلوم سنڌ جو چهرو ڏيکارڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ لکيو آهي، سول سوسائٽي جي اڳواڻ ۽ ليکڪ اعجاز قريشي چيو ته ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو جو انگريزي ۾ لکيل هي ڪتاب عالمي سطح تي سنڌ جو ڪيس رکڻ ۽ سنڌ کي سمجهڻ لاءِ ان جي ماضي کي ڏسندي حال کان واقف ٿيڻ متعلق لکيل آهي، هن ڪتاب کي فوري طور سنڌ اندر سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڇپائڻ گهرجي، ليکڪ نصير ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو سنڌ جي تاريخ ۽ مسئلن کي ان ڪري اجاگر ڪيو آهي جو پاڪستان ٺهڻ بعد  تاريخ سان جٺ ڪندي حملا آورن، خونين ۽ چورن کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو آهي، سندس لکيل ڪتاب عالمي سطح تي بهترين نتيجا ڏيندو، هن چيو ته محمد بن قاسم کي هيرو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو پر قائد اعظم محمد علي جناح کي به خبر نه هئي ته محمد بن قاسم ڪير هو، سنڌ باب الاسلام نه پر باب انسانيت آهي، اڄوڪي سنڌ لاءِ مذهبي انتهاپسندي، سنڌ جي اندر ٻاهرين آبادڪاري وڏو چيلينج آهي، نامور عورتن جي حقن جي اڳواڻ ۽ انگريزي ڪالم نگار شازيه نظاماڻي چيو ته ڊاڪٽر هاليپوٽو جو ڪتاب سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي رٿابندي تي خوبصورت لفظن سان لکيل تاريخ جو خزانو آهي، هن چيو ته جديد سنڌ ۾ ڪافي پڙهيل لکيل ۽ هر ذات جي فردن پاڻ کي سردار سڏائڻ ۽ سرداري پٽڪن ٻڌڻ جون رسمون شروع ڪيون آهن، اسان سڀني کي بهتر مستقبل جي سنڌ اڏڻ لاءِ سرداري نظام جي مزاحمت ڪرڻي پوندي، سنڌ جي عورتن کي غلط رسمن، قتل ڪرڻ ۽ تشدد کان بچائڻ، ترقي ۽  خودمختياري لاءِ انهن کي تحفظ وارو ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ريٽائرڊ ڪاموري عبدالرحيم سومرو چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي تباهي ڪامورن جي ڪري ٿي آهي، جيڪڏهن سنڌي ڪامورا مڙس ماڻهو هجن ها ته سنڌ جي تباهي نه ٿي ها، ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو جي ڪتاب ۾ سنڌ جي ماضيءَ جي منفرد دورن  جا داستان موجود آهن جن کي عالمي پس منظر سان جوڙيو ويو آهي، سنڌ جي اصلوڪو ماڻهن جي ملڪيتن تي اويڪيو ٽرسٽ قبضا ڪرايا آهن، جن ۾ اسان جي ماڻهن جا به هٿ ملوث آهن، ڪالم نويس ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي سياست جي متحرڪ ڪردار رسول بخش پليجو ۽ ان جي جدوجهد کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جن سنڌ کي نقصان پهچايو، مسجد منزل گاهه جهڙا واقعا ۽ ٻيون سياسي غلطيون ڪيون، انهن کي سنڌ جو هيرو پيش ڪري درست ڪم نه ڪيو آهي، شاھ لطيف جي شاعري جي ستن سورمين مان ڇهه سورميون مردن جون غلام هيون ۽ پروگرامن ۾ ايندڙ پڙهيل لکيل ماڻهو مهذب نه ٿي سگهيا آهن ۽ هو پنهنجي گهر جي عورتن کي پاڻ سان گڏ نه ٿا وٺي اچن. تقريب ۾ مختلف اديبن، شاعرن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.