مٽياري ضلعي ۾ ٻيو ٺهيل ٽول پلازه ۽ سخت عوامي ردعمل

تحرير: ضمير خاصخيلي

عوامي رد عمل کي سختي سان رد ڪندي وفاقي حڪومت مٽياري ضلعي اندر ٻيو ٽول پلازه ٺاهي ڇڏيو، گاڏين کان ٽيڪس وصولي شروع ڪري ڏني ٽول خلاف تحريڪ هلائيندڙ عوامي اتحاد پاران اڄ 15 جنوري تي جي يو آءِ ف سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي جي قيادت م تاريخي ڌرڻي جو اعلان ڪيل آهي.

اين ايڇ اي پاران مٽياري ضلعي اندر ٻيو ٽول پلازه قائم ٿي ويو آهي هن کان اڳ نيو سعيد آباد قومي شاهراهه تي اڳ ئي ٽول پلازه قائم ٿيل آهي جتان وفاقي حڪومت روزانو ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي ڪجهه مهينا اڳ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان مٽياري لڳ النور پمپ وٽ ٽول پلازه جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو هو جيئن ڪم شروع ٿيو ته ضلعي جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن تي جوڙيل عوامي اتحاد سميت مٽياري ضلعي جي عوام هڪ ئي ضلعي اندر ٻئي ٽول پلازه جي تعمير کي سختي سان رد ڪندي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي ضلعي جي مختلف شهرن مٽياري هالا، نيو سعيد آباد ۾ پريس ڪلبن تي احتجاج شروع ڪيا ويا جڏهن ته ٽول پلازه جي تعمير خلاف عوامي عدالتون پڻ لڳايون ويون جڏهن ته احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ئي آل پارٽيز ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون ويون جڏهن ته مٽياري ٽول پلازه واري جڳھه تي ڌرڻو ڏئي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين قومي شاهراهه جا ٻئي پاسا بلاڪ ڪيا ويا عوامي اتحاد ۾ مٽياري ضلعي جي سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جا اڳواڻ شامل آهن جن جي قيادت حڪومتي پارٽي مسلم ليگ نواز سنڌ جو صدر بشير ميمڻ ۽ سندس ننڍو ڀاءُ نصير ميمڻ ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻين تنظيمن ۾ پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ف، جي ڊي اي، جماعت اسلامي، جسقم، جسقم آریسر، قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، سميت سماجي تنظيمون پڻ شامل آهن.

ٻئي طرف پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ عوامي نمائندا ايم اين اي مخدوم جميل الزمان توڙي مٽياري تعلقي واري ايم پي اي مخدوم فخر الزمان پڻ وزير اعلي سنڌ توڙي اين اي اختيارين کي خط لکي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي مٽياري ٽول پلازه کي رد ڪري ڇڏيو آهي نه صرف پيپلزپارٽي جي چونڊيل نمائندن پر ضلعي صدر توڙي جنرل سيڪريٽري سيد فضيل حبيب شاهه پڻ اهڙي عوام دشمن منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي مٽياري ٽول پلازه خلاف هلندڙ تحريڪ جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر عاجزه ڌامراهه هاشمي هائوس مٽياري پهچي سخت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام مٿان وڌيڪ ٽيڪس مڙهي سندن معاشي قتل ڪري رهي آهي وفاق ماهوار ٽول ٽيڪس جي مد ۾ اربين رپيا وصول ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جا روڊ رستا وري سنڌ حڪومت ٺهرائي رهي آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ مٽياري ٽول خلاف هلندڙ جدوجهد جو حصو آهي عوامي جي تحريڪ ۾ شامل ٿيندا سين هوڏانهن مٽياري ٽول وارو مسئلو سنڌ اسيمبلي تائين وڃي پهتو جتي پيپلزپارٽي ايم پي اي مخدوم فخر الزمان قرارداد پيش ڪئي ته عوام دشمن منصوبي کي فوري طور رد ڪيو وڃي سنڌ خاص ڪري مٽياري ضلعي جو عوام هڪ ضلعي ۾ ٻن ٽولن جو بار نٿو کڻي سگهي اين ايڇ اي اٿارٽي وارا صرف ٽيڪس مڙهڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته سنڌ جا قومي شاهراهه تباھ حال آهن جن جي مرمت به نه ٿي ڪرائي وڃي.

احتجاجي تحريڪ جي سلسلي م عوامي اتحاد م شامل اڳواڻن نصير ميمڻ، جي ڊي اي اڳواڻ سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ ،جي يو آءِ ف ضلعي مٽياري جي امير حاجي سارنگ منگواڻو، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو، سليم سنڌي، فقير محمد منصوري، جسقم ضلعي صدر رشيد ڏيٿو ماجد خاصخيلي ۽ ٻين وفد جي صورت ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪري کين تحريڪ م شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ان وچ ۾ مٽياري ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن، پريس ڪلب مٽياري، سميت اڪثر سماجي ادارن پڻ پنهنجي پنهنجي فورمن تي ٽول پلازه خلاف قراردادون منظور ڪندي اهڙي متنازع منصوبي کي عوام دشمن منصوبو قرار ڏيندي رد ڪيو ويو آهي جڏهن ته عوامي اتحاد جي اڳواڻن ان ڏس ۾ سنڌ جي ناليواري قانوندان ماما يوسف لغاري سميت ناليواري قانوندانن سان پڻ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن عوام جي ايڏي سخت احتجاج باوجود اين ايڇ اي انتظاميا پنهنجي هوڏ تي قائم رهندي مٽياري ضلعي اندر صرف 40 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي وڌيڪ هڪ ٽول پلازه قائم ڪري مهانگائي جي ماريل عوام کان ٽيڪس وصول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي مٽياري ضلعي جي نيو سعيد آباد شهر ۾ اڳ ئي هڪ ٽول قائم ٿيل آهي جڏهن ته صرف چاليهن ڪلو ميٽرن جي مختصر فاصلي تي ٻيو ٽول قائم ڪيو آهي هوڏانهن عوامي اتحاد پاران ٽول پلازه جي تعمير خلاف جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪندي اڄ 15 جنوري تي مٽياري ٽول پلازه واري جاءِ تي هزارين ماڻهن تي ٻڌل تاريخي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ عوامي اتحاد مٽياري جي ترجمان رحمت الله ترڪ رابطي تي ٻڌايو ته اسان پهرين ڏينهن کان اهڙي عوام دشمن منصوبي کي رد ڪري چڪا آهيون مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهجندڙ غريب مسڪين عوام وڌيڪ ٽيڪس برداشت نٿو ڪري سگهي اسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي اهڙي عوام دشمن منصوبي کي رد ڪري ضلعي جي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي  هاڻي ڏسجي ته وفاقي حڪومت مٽياري ٽول پلازه جي تعمير کي برقرار رکندي ٽيڪس وصول ڪندي رهي ٿي يا وري مٽياري ضلعي جو عوام شديد عوامي رد عمل سان اهڙي غير قانوني ٽول پلازه کي پاڙ کان اکيڙڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو باقي هن وقت اين ايڇ اي انتظاميا عوامي رد عمل کي سختي سان رد ڪندي مٽياري ٽول پلازه نالي سان ٻيو ٽول پلازه قائم ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.