190 ملين پائونڊ ڪيس: سهولتڪار زرداري ڪئي، سزا عمران خان کي ڏني پئي وڃي: عليمه خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سهولتڪاري آصف زرداري ڪئي آهي پر سزا عمران خان کي ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن عمران خان سهولتڪاري ڪئي آهي ته ان تي نواز شريف کي به جواب ڏيڻو پوندو.
اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ پي ٽي آءِ باني هڪ سوال پڇيو آهي جنهن ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪڏهن چون ٿا باني چوري ڪيا آهن ، انگلينڊ جي ايجنسي چيو آهي ته اِهي چوري جا پئسا نه هئا، اها پراپرٽي ٽائيڪون حسن نواز کي رشوت ڏني هئي، نواز شريف کي جواب ڏيڻ گهرجي ته ڇو رشوت ورتي؟
عليمه خان سوال اُٿاريو ته اين سي ايَ سوال ڪيو آهي ته اهي ايترا پئسا ڪٿان آيا آهن؟ اين سي ايَ چيو آهي ته اهي چوري يا مني لانڊرنگ جا پئسا ناهن، پراپرٽي ٽائيڪون اين سي ايَ سان ڊيل ڪئي هئي ته پئسا واپس کڻي وڃان ٿو ۽ پوءِ اهي پئسا پاڪستان آيا جن سان اربين رپين جو فائدو ٿيو، جيڪو ڏنڊ لڳايو ويو ان جي سهولتڪاري آصف زرداري ڪئي هئي پر عمران خان کي سزا انڪري ڏني پئي وڃي ته ادارو ڇو ٺاهيو جنهن ۾ سيرت نبوي صلعم پڙهائي پئي وڃي ؟
هن چيو ته جڏهن پڇيو ويندو ته عمران خان سهولتڪاري ڪئي آهي ته ان بابت نواز شريف کي به جواب ڏيڻو پوندو، هو پريشان آهن ته فلاحي ادارو آهي جنهن مان باني کي ڪو فائدو نٿو ٿئي، کين سزا ڏيڻ ۾ وڏي مشڪل پيش اچي رهي آهي، باني چاهي ٿو ته سزا ٻڌائي وڃي ان کانپوءِ اسان ان کي هاءِ ڪورٽ ۾ کڻي وينداسين، جن تي ڪيس ٿيڻ گهرجن اُهو عمران خان ناهي ٻيا ماڻهو آهن ڇو ته هي معاملو انگلينڊ ۾ طئه ٿيو هو.
عليمه خان وڌيڪ چيو ته هن وقت پي ٽي آءِ باني تيار آهن ته هو ڪيسن کي منهن ڏيندو، جڏهن عمران خان ٻاهر ايندو ته اوهان سڀ ڏسي وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.