”9 مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙڻ سيڪيورٽي ناڪامي آهي، ڪنهن فوجي آفيسر جو ٽرائل ٿيو؟“

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران آئيني بينچ سوال ڪيو ته 9 مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ وڃڻ سيڪيورٽي بريچ آهي، ڇا ان دوران ڪنهن قسم جي مزاحمت ڪئي وئي؟
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران خواجا حارث عام شهرين جو ٽرائل اوچتو ناهي ٿي رهيو، 1967ع کان قانون موجود آهي، ايف بي علي ڪيس ۾ جن ماڻهن تي ڪيس هليو، اُهي رٽائرڊ هئا، امن جي دور ۾ پڻ ملٽري معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ تي سويلينز جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ٿيندو، ان تي جسٽس حسن اظهر چيو ته ياد رکو ته ايف بي علي ڪيس سول مارشل لا دور جو آهي.
جسٽس حسن اظهر چيو ته نيٺ ڪو ماسٽر مائينڊ به هوندو، سازش ڪنهن ڪئي، ان تي خواجا حارث جواب ڏيندي چيو ته سازش ڪرڻ وارن يا ماسٽر مائينڊ جو ٽرائل به فوجي عدالت ۾ ئي ٿيندو.
جسٽس حسن اظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا 9 مئي جي واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جي ملوث ٿيڻ تي ٽرائل ٿيو؟ 9 مئي تي ماڻهو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ پهچي ويا؟ ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ وڃڻ سيڪيورٽي بريچ آهي، ضروري ناهي ته گولي هلائي وڃي، پر 9 مئي تي جڏهن فوجي ٿاڪن کي نقصان پهچايو ويو، ڇا ڪنهن قسم جي مزاحمت ڪئي وئي؟
ان تي خواجا حارث جواب ڏنو ته احتجاج ڪندڙن تي الزام ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو آهي، 9 مئي جي واقعي ۾ ڪنهن فوجي آفيسر کي چارج ناهي ڪيو ويو، جاني نقصان نه ٿئي انڪري مڪمل صبر جو مظاهرو ڪيو ويو.
عدالت فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.