فتنه الخوارج جي پنجاب ۾ نوجوانن جي آن لائين ڀرتي مهم جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پابندي مڙهيل تنظيم فتنه الخوارج طرفان پنجاب ۾ نوجوانن جي آن لائين ڀرتي مهم جو انڪشاف ٿيو آهي.
صوبي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪامياب ڪارروائي ڪندي وڏو نيٽورڪ پڪڙي ورتو آهي ۽ ڪالعدم تنظيم طرفان نوجوانن جي آن لائين ڀرتين جا تفصيل وزيراعليٰ ڏانهن موڪليا ويا آهن.
رپورٽ موجب، دهشتگرد تنظيم گجرانوالا، لاهور، ساهيوال، بهاولپور، جهلم ۽ سرگوڌا مان ڀرتيون ڪيون آهن، جنهن جو مقصد صوبي ۾ مقامي سهولتڪاري حاصل ڪرڻ آهي.
پنجاب جي وزير اعليٰ ڏانهن موڪليل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سائبر پٽرولنگ ۽ انٽيليجنس ڄاڻ تي آن لائين ڀرتي مهم جو نيٽورڪ بريڪ ڪيو ويو آهي ۽ فتنه الخوارج جي سهولتڪاري لاءِ ڀرتي ٿيل 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جون عمرون 16 کان 23 سال تائين آهن.
سائبر پٽرولنگ دوران رياست مخالف عنصرن جي نگراني وارو عمل تيز ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا واهپيدارن تائين پهچ حاصل ڪندڙ الگورٿم جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.