عمران خان ۽ بشريٰ خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف باني، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ملتوي ڪيو ويو آهي، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا کي تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ جو فيصلو اڊيالا جيل ۾ ٻڌائڻو هو، جج ناصر جاويد راڻا جو چوڻ آهي ته هو صبح ساڍي اٺين وڳي عدالت ۾ موجود هو، پي ٽي آءِ باني کي ٻه ڀيرا  پيغام به اماڻيو پر هو نه آيو، جج چيو ته بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل به عدالت ۾ پيش نه ٿيا، پي ٽي آءِ باني طرفان چيو ويو ته جيستائين سندس خاندان يا وڪيلن مان ڪو نه ايندو هو عدالت جي ڪمري ۾ نه ايندو، جج ناصر جاويد راڻا چيو ته هو ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندو رهيو پر ڪو به نه آيو، فيصلو ٻڌائڻ لاءِ جوابدارن کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي رهيا آهن، هاڻي ڪيس جو فيصلو 17 جنوري تي ٻڌايو ويندو، ياد رهي ته احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 18 ڊسمبر 2024ع تي محفوظ ڪيو هو، عدالت فيصلو ٻڌائڻ لاءِ پهريان 23 ڊسمبر ۽ بعد ۾ 6 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ فيصلو ٻڌائڻ جي ٽئين تاريخ 13 جنوري ڏني هئي، عدالت 6 جنوري 2024ع تي ڇهن جوابدارن کي اشتهار قرار ڏنو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي 27 فيبروري 2024ع تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، نيب ٽرائل دوران 35 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرايا، تحريڪ انصاف باني جي وڪيلن شاهدن کان آڏي پڇا ڪئي، ريفرنس ۾ اهم شاهدن اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان، اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ زبيده جلال شاهدي ڏيندڙن ۾ شامل هئي، جڏهن ته ريفرنس جي ٻڌڻي دوران 3 جج تبديلي ٿيا.

عدليه جي ساک تي سواليا نشان،موجوده نظام تي به آڱريون کڄڻ لڳيون

اسلام آباد (سيد طلعت حسين) اهو ئي ٿيو جنهن جو خدشو هو، اڳڪٿيون هيون ته جج فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيندو، 190 ملين پائونڊ جو ڪيس سياسي فٽبال بڻجي ويو آهي. اوهان ڊگهو وقت ڪيس ٻڌو ٿا، ٻنهي پاسن کان شاهديون گڏ ڪريون ٿا، ميڊيا جو ان تي ڌيان رهي ٿو، ان تي خرچ ٿئي ٿو، دفاع ۽ پراسيڪيوشن طرفان به ڪوششون ڪيون وينديون آهن. جڏهن وري وري ان ڪيس جي فيصلي کي ملتوي ڪيو وڃي ٿو ته خبر پوي ٿي ته ان ڪيس ذريعي ڪا سياسي ٻه نمبري يا ڊيلنگ ٿي رهي آهي. سوال اهو آهي ته اوهان تاريخ ڏئي ڇو ڦري رهيا آهيو؟ جج صاحبن تي  آڱر کڄي ٿي جڏهن اهي اهڙيون حرڪتون ڪن ٿا. ان جي ڪري پاڪستان جي عدليه تي ماڻهن جو اعتماد نٿو رهي ته پوءِ دنيا ۾ انصاف جي نظام ۾ اهي نمبر ايندا آهن جيڪي اسان جي نظام جا اچن ٿا. سڀ عدليه جي نظام مان ئي پريشان اچن ٿا. پي ٽي آءِ کي ڌار ڳڻتي هوندي آهي ته حڪومت کي ڌار ڳڻتي هوندي آهي. پي ٽي آءِ دور ۾ ڀرتي ڪيل ججن تي الزام هنيو وڃي ٿو. سڀ انصاف جي خرابي جي ڳالهه ڪن ٿا. اسٽيبلشمينٽ به چوندي آهي ته عدليه جي خراب نظام جي ڪري دهشتگرد آزاد ٿي وڃن ٿا. سياسي معاملا اچن ٿا ته ان ئي خراب نظام تي ڀاڙين ٿا. هن فيصلي کي ملتوي ڪرڻ جو بار هن نظام کي ئي کڻڻو پيو آهي. اهڙا فيصلا نه اچڻ سان نظام جي ساک متاثر ٿئي ٿي. ان جي ساک کي سڀ خراب ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ به ڪري رهي آهي. سڀ کان وڏي ساک خراب ته اهي ڪري رهيا آهن جيڪي پاڻ متاثر ٿي رهيا آهن.

190 ملين پائونڊ ڪيس: ملڪ رياض جا اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي؟

اسلام آباد (عمران شفقت) 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ملتوي ٿي ويو آهي. اهي معاملا رياستي سطح تي سادا ناهن هوندا. ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه هوندو آهي. ٻنهي ڌرين جو ڪو نه ڪو معاملو هوندو آهي، ان جي ڪري اهو معطل ڪيو ويو. هن ڪيس جا اٺ جوابدار آهن، جن مان ڇهه پرڏيهه ۾ فرار آهن ۽ ٻه جوابدار پاڪستان ۾ آهن. ان ۾ فرح گوگي، زلفي بخاري، شهزاد اڪبر ۽ ملڪ رياض به شريڪ جوابدار آهي. ملڪ رياض جو معاملو غور ڪريو ته اهو آهي ته سندس پراجيڪٽ  جيڪي هن دبئي ۾ شروع ڪيا. انهن جون خبرون پاڪستان جي قومي ميڊيا تي وڏي زور شور سان هلايون پيون وڃن. هڪ ته اهو ٿي سگهي ٿو ته ميڊيا جا ساڻس واسطا آهن يا وري اهو ته ملڪ رياض جا اسٽيبلشمينٽ سان ڪٿي نه ڪٿي معاملا طئي ٿي ويا آهن. ملڪ رياض چيو هو ته مان واعدي معاف گواهه نه بڻجندس. اهو سندس ٽوئيٽ به موجود آهي. ملڪ رياض جي جيڪڏهن ڪٿي ڪا سيٽنگ ٿي چڪي آهي ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪيس تي به ڪو اثر پوندو ۽ ڇا عمران خان کي ڪو فائدو ملندو؟

ملڪ رياض جو پئسو لنڊن ڪيئن ويو؟جاچ نه ٿي

نيويارڪ(احمد نوراني)190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ جيڪو پئسو پاڪستان واپس آيو اهو برطانوي حڪومت پاران نه موڪليو  ويو هواها رقم برطانيا ۾ ملڪ رياض جي قائم ڪمپنين مان سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ آئي،برطانوي حڪومت سان نه اهڙو معاهدو نه ئي ان قسم جو معاهدو ٿيو آهي،ان ڪيس ۾ ن ليگ جي ماڻهن ثبوت ڏئي سڀ ڪجهه پڌرو ڪري ڇڏيو،اين سي اي پنهنجي جاچ ۾ اهو پڌرو ڪري چڪي آهي ته ان ۾ چوري ثابت ناهي ٿي،ملڪ رياض جي پنهنجي خراب ساک جي ڪري اهو ڪيس اجاگر ٿيو،هو زمينن تي قبضا ڪندو رهيو آهي، هن کي چور ڪوٺيو ويندو آهي،عمران خان کان غلطي اها ٿي ته جڏهن وزيراعظم هو ته جاچ جو حڪم ڏئي ها ته ملڪ رياض جو اهو پئسو پاڪستان کان ٻاهر ڪيئن ويو؟ان ڏوهه ۾ ايف بي آر به شريڪ جرم آهي،هن وقت به نوازشريف هجي يا شهباز شريف ملڪ رياض تي ڪڏهن به هٿ نه وجهندا،ان ڪيس ۾ ان وقت جي وزيراعظم ڪهڙن اختيارن کي اورانگهيو؟ ان جي ڪا به وضاحت ناهي،اهو پئسو ملڪ رياض ٽيڪس بچائي برطانيا کڻي ويو هو،ان قسم جو پئسو جڏهن پڪڙيو ويندو آهي ته ان تي سزا ناهي ايندي رڳو ٽيڪس يا ڏنڊ لڳندو آهي

هاڻي ”غيرجانبدار عدليه“ جو فيصلو ڪير مڃيندو؟

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي سينيٽر ۽ سياستدان مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ آهي ته عمران خان جي ڪيس ۾ کل جوڳي طريقي سان فيصلي جي تاريخ تبديل ٿي  رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته الحمدلله پاڪستان جو عدالتي نظام انصاف ۽ غير جانبداري سان ڀريو پيو آهي ڪو عقل کان عاري شخص ئي هوندو جيڪو هاڻي ان فيصلي کي هڪ غيرجانبدار عدالتي فيصلو مڃيندو،سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم عمران خان هن وقت جيل ۾ آهي، اهو چوڻ ته هو عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو، ان ڪري عدالت جي فيصلي ۾ ٽيون ڀيرو دير ڪرڻ جي ذميواري قيدي تي وجهڻ ڪمزور تعبير آهي،صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته هن غريب جج جنهن ٽيون ڀيرو پنهنجي فيصلي جي اعلان ۾ دير ڪئي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اڊيالاجيل وڃي جج ناصر جاويد رانا کي به ٿورو حوصلو ڏيڻ گهرجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.