اوٻاوڙو /ڏهرڪي( رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ/اجيت ڪمار ) اوٻاوڙو لڳ شر گينگ ۽ انڍڙ گينگ جي هٿياربند ڌاڙيل پاران پنجاب رحيم يار خان جي علائقي ظاهر پير جي ڳوٺ بستي لاشاري تي چڙهائي ڪري جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڀائرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، قتل ٿي ويلن ۾ ميزان چانڊيو ، غلام سرور عرف سجن چانڊيو، مدني چانڊيو ۽ گڊو چانڊيو شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل هڪ سال اڳ بدنام ڌاڙيل انڍڙ گينگ جي سربراهھ جانو انڍڙ ۽ شر گينگ جي سومر شر سميت اٺن ڏوهارين کي پنجاب رحيم يارخان پوليس جي مبينا مخبر عثمان عرف جنسار چانڊيو دوستي بهاني رات جو قتل ڪري فرار ٿي رهيو هو ته شر برادري گينگ هٿياربندن عثمان عرف جنسار چانڊيو کي بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو لاش ڏوهارين درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هو جنهن بعد انڍڙ گينگ ۽ شر برادري جي هٿياربندن پنهنجي ساٿين جانو انڍڙ ۽ سومر شر سميت اٺ ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي پلاند وٺڻ لاءِ عثمان عرف جنسار چانڊيو جي ويجهن مائٽن کي ضعلي رحيم يار خان جي علائقي ظاهر پير جي ڳوٺ بستي لاشاري تي حملو ڪري 4 ڄڻن جن ۾ ميزان ولد غلام سرور سجن ولد نديم مدني ولد نديم گڊو ولد نديم چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو ، هوڏانهن رحيم يار خان پوليس موجب ته ڳوٺ بستي لاشآري مٿان حملو ڪندڙ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي پوليس فائرنگ دوران ٻن حملو ڪندڙ ڏوهارين کي به ماريو ويو آهي ظاهر پير ۾ چئن معصوم شهرين کي بي گناهه قتل ڪري ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته ڏوهارين سان پنجاب رحيم يار خان جو پوليس مقابلو ٿي پيو معصوم شهرين کي قتل ڪندڙ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو .