لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ لڳل باهه تي اڃا تائين ظابطو نه اچي سگهيو آهي ، جڏهن ته ماهرن جو اندازو آهي ته باهه تي مڪمل ظابطو آڻڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا.
ان ڏس ۾ لاس اينجلس ۾رهندي بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا پنهنجي خيريت بابت مداحن کي سوشل ميڊيا ذريعي آگاهه ڪيو.
اداڪارا پنهنجي آمريڪي مڙس سان گڏ ڊگهي عرصي کان لاس اينجلس ۾ رهي ٿي، پريتي لاس اينجلس ۾ لڳل باهه تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته هوءَ محفوظ آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته ”ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته مان اهو ڏينهن ڏسنديس، جڏهن باهه اسان جي ڀرپاسي وارن علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندي.“
هن چيو ته ” شهر ۾ موجود دوست ۽ گهرڀاتي يا ته لڏپلاڻ ڪري چڪا هوندا يا ڪرڻ جي تيارين ۾ هوندا، ۽ باهه دونهاٽيل آسمان مان برف وانگر هيٺ ڪري رهي آهي، ڊپ ۽ بي يقيني واري صورتحال آهي، جيڪڏهن هوا جَهڪي نه ٿي ته ڇا ٿيندو؟ اسان سان گڏ ننڍڙا ٻار ۽ بزرگ به آهن.“
هن لکيو ته ” پنهنجي ڀرپاسي ٿيندڙ تباهي تي دل ٽٽي پئي آهي ۽ مان خدا جي ٿورائتي آهيان جو اسان اڃا تائين محفوظ آهيون، منهنجون دعائون انهن ماڻهن سان گڏ آهن جيڪي بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ جن پنهنجو سڀ ڪجهه هن باهه ۾ وڃائي ڇڏيو آهي، اميد آهي ته هوا جلدي بيهي وڃي ۽ باهه تي ظابطو آڻي سگهجي.“
پريتي زنٽا جو وڌيڪ چوڻ هو ”فائر ڊپارٽمينٽ، فائرفائٽرز ۽ انهن سڀني ماڻهن جي مهرباني جيڪي زندگيون ۽ ملڪيتون بچائڻ لاءِ مدد ڪري رهيا آهن.“
واضح رهي ته لاس اينجلس هالي ووڊ جو مرڪزي شهر آهي جتي هالي ووڊ جا وڏا وڏا ستارا ۽ انهن جا گهر آهن، هن باهه ۾ هالي ووڊ جا ستارا پڻ متاثر ٿيا آهن.
رپورٽس موجب بيلا حديد، پيرس هيلٽن، انٿوني هاپڪنز، جيف بريجز، بلي ڪرسٽل، يوجين ليوي، جان گڊمين، مارڪ هيميل پنهنجا گهر وڃائي چڪا آهن.
You might also like