مشهور ڀارتي اداڪار جي زال اسلام قبول ڪري ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ۽ فٽنيس ٽرينر ساحل خان جي زال ميلانا اليگزينڊرا اسلام قبول ڪري ڇڏيو.
ساحل خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي زال ميلانا سان گڏ هڪ وڊيو شيئر ڪندي مداحن کي اطلاع ڏنو آهي ته سندس زال ميلانا اليگزينڊرا اسلام قبول ڪري ورتو آهي.
ساحل خان پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ”مون کي اهو اعلان ڪندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته منهنجي زال ميلانا اليگزينڊرا اسلام قبول ڪري ڇڏيو آهي، هن خوبصورت سفر تي الله جو ٿورائتو آهيان، الله اسان جون دعائون قبول ڪري.“
واضح رهي ته ساحل خان گذريل سال يورپ سان واسطو رکندڙ 22 ورهين جي ميلانا اليگزينڊرا سان ٻي شادي جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته ميلانا تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ساڻس شادي ڪندي.
ساحل خان جي پهرين شادي 2003 ۾ نگار خان سان ٿي هئي پر 2 سالن بعد جوڙي ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.