لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ)آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ لڳل خوفناڪ باهه تي 6 ڏينهن بعد به ضابطو نه اچي سگهيو آهي، ماهرن جو اندازو آهي ته باهه تي مڪمل ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، تباهي مچائيندڙ باهه سبب فوتين جو انگ وڌي 24 ٿي ويو ۽ 16 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته 12 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون سڙي رک ٿي ويون آهن جنهن سبب ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن ۽ وڌيڪ هڪ لک 60 هزار کي لڏپلاڻ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ، 40 هزار ايڪڙ زمين تي موجود سڀ ڪجهه سڙي خاڪ ٿي ويو آهي، 50 هزار کان وڌيڪ واهپيدار بجلي کان محروم آهن.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو ته گذريل اڱاري تي لاس اينجلس جي ٻيلي ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ هزارين فائر فائٽر، سوين فائر انجڻ، واٽر ٽينڪر ۽ 60 جهاز ڪم ڪري رهيا آهن، پر 6 ڏينهن گذرڻ باوجود باهه تي ضابطو ناهي اچي سگهيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، پيسيفڪ پيليسيڊز جي سڀ کان وڏي باهه تي هن وقت تائين رڳو 13 سيڪڙو ۽ ايٽن وٽ 27 سيڪڙو ضابطو آندو ويو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته باهه تي مڪمل ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا، جڏهن ته آمريڪي موسميات کاتي طرفان سومر کان اربع تائين تيز هوائن جي وارننگ پڻ جاري ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ ڦرلٽ جا واقعا به جاري آهن.
You might also like