دنيا جو پهريون رول ايبل ليپ ٽاپ متعارف، ڪهڙيون خاصيتون آهن؟

هونئن ته هاڻي فولڊ ايبل سمارٽ فون عام ٿي ويا آهن، پر پهريون ڀيرو هڪ اهڙو ليپ ٽاپ پيش ڪيو ويو آهي جيڪو فولڊ ايبل نه پر رول ايبل آهي.
چيني ڪمپني دنيا جو پهريون رول ايبل ليپ ٽاپ متعارف ڪرايو آهي، جيڪو مٿانهين پاسي کان کولڻ سان 16 انچ تائين وڏو ٿي سگهي ٿو.
هن ڊيوائس جي تياري تي ڪيترن ئي سالن کان ڪم هلي رهيو هو، پر هاڻي اِها لاس ويگاس ۾ ٿيل ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو (سي ايِ ايس ) ۾ واهپيدارن لاءِ پيش ڪئي وئي آهي.
”ٿنڪ بُڪ پلس جنريشن 6 رول ايبل“ نالي هي ليپ ٽيپ 14 انچ ڊسپلي کي مٿانهين پاسي کان 16.7 انچ تائين وڌائي ٿو.
هن ڊيوائس ۾ انٽيل ڪور الٽرا 200 وي سيريز پروسيسر، 32 جي بي تائين ريم ۽ هڪ ٽي بي تائين اسٽوريج شامل آهي.
گرافڪس لاءِ انٽيل ايڪس ايِ ٽو چِپ جو استعمال ڪيو ويو، تيز رفتار انٽرنيٽ لاءِ واءِ فاءِ 7 سپورٽ ۽ وائرليس رابطي لاءِ بليوٽوٿ 5.4 موجود آهي.
5 ميگا پڪسل آءِ آر ويب ڪيم وڊيو ڪالنگ ۽ ٻين ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ڪمپني موجب، هي ليپ ٽاپ 2025ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ دستياب هوندو، جڏهن ته قيمت جا تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن، پر اندازو آهي ته اِها 3 هزار ڊالرز تائين ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.