ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا ميرا شادي بابت ڳالهائيندي روئڻهارڪي ٿي وئي.
اداڪارا ميرا جي هڪ مختصر انٽرويو جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ نجي ٽي وي جي اينڪر هن کان انتهائي ذاتي نوعيت جا سوال ڪيا.
اينڪر اداڪارا کان سوال ڪيو ته ”نيلم منير صاحبه جي شادي ٿي وئي آهي، اوهان جي ڪڏهن شادي ڪندئو؟ “
جواب ۾ ميرا ڪجهه دير سوچيندي رهي ۽ پوءِ چيو، ”بس! افسوس آهي.“
جنهن تي اينڪر سوال ڪيو” نيلم منير جي شادي جو افسوس آهي يا پنهنجي شادي ۾ دير جو؟“ ان تي ميرا جواب ڏنو ته پنهنجي شادي ۾ دير جو افسوس آهي.
اينڪر جي مسلسل سوالن تي ميرا انتهائي صبر سان جواب ڏيندي چيو ته ”مون کي اڃا تائين ڪو ساٿي ناهي مليو، مون سان ڪو شادي ڪرڻ نٿو چاهي، خبر ناهي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي.“
آخر ۾ ميرا ڪُرسي تان اُٿندي چيو”مون سان ڪو شادي نٿو ڪرڻ چاهي“ ۽ انٽرويو اڌ ۾ ڇڏي هلي وئي .
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي اينڪر کي سندس رويي تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي،
واهپيدارن موجب، اينڪر جا سوال انتهائي غير مناسب هئا، جنهن جو جواب ڏيندي اداڪارا ميرا پريشان ٿي وئي.
You might also like