لاس اينجلس ۾ باهه، هالي ووڊ سرگرميون معطل، ڪيئي شخصيتن جا گهر سڙي رک

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ فلم سٽي لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه اڃا تائين بي قابو آهي، باهه سبب جتي ڪيئي مشهور شوبز شخصيتن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پيا اتي فلمي سرگرميون پڻ متاثر ٿيون آهن.
آمريڪي اداڪار ۽ فلمساز جيمي لي ڪرٽس، ڳائڻي مينڊي مور ۽ ڪيئي اهم شخصيتن سميت هزارين ماڻهو باهه سبب متاثر علائقي مان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.
باهه سامونڊي علائقي سانتا مونيڪا ۽ مليبو جي وچ ۾ هڪ پوش علائقي ۾ لڳل آهي جتي ڪيترن ئي فلمي ۽ ٽي وي اداڪارن سميت شوبز شخصيتن جا گهر آهن.
ڪيليفورنيا جي اڳوڻي گورنر ۽ اداڪار آرنلڊ شيوارزِنگر جي اڳوڻي گهرواري ۽ صحافڻ ماريه شريور پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هر پاسي تباهي نظر اچي رهي آهي.
اداڪارا جيمز ووڊز کي به باهه سبب پنهنجو گهر ڇڏڻو پيو، لڏپلاڻ کان اڳ هن به پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ سندس گهر جي چوڌاري باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا آهن.
هالي ووڊ ۾ ايوارڊز سيزن شروع ٿي چڪو آهي پر لاس اينجلس ۾ باهه سبب ڪيئي ايونٽس به متاثر ٿيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، باهه سبب ايندڙ هفتي شيڊيول ڪريٽڪس چوائس ايوارڊز کي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي.
آسڪرز انتظاميا طرفان به ايندڙ هفتي ٿيندڙ ايوارڊز نامزدگيون ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيون ويون آهن.
ٻئي پاسي ڪيئي ٽي وي شوز جي پروڊڪشن سميت فلمن جا پريميئرز پڻ ڪئنسل ڪيا ويا آهن.
ادڪارا مينڊي مور به پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي تصويرون شيئر ڪندي جاني ۽ مالي تباهيءَ تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو .
هن چيو ته ” اسان کان گهڻو ڪجهه کسجي ويو آهي، اسان ٽٽي چڪا آهيون“
ياد رهي ته باهه سبب متاثر علائقو پليسيڊز بحر الڪاهل جي ويجهو ۽ سانتا مونيڪا جي جابلو سلسلي سان جڙيل آهي، ان علائقي جي هڪ گهر جي سراسري قيمت 45 لک ڊالرز آهي.
جتي ڪيئي شوبز شخصيتن جي گهرن سميت لاس اينجلس جي مشهور ميوزيم ” گيٽي ولا “ پڻ موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.