”اسٽيڊيم ۾ واش روم نه پاڻي“ محمد حفيظ پي سي بي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ڊوميسٽڪ رانديگرن کي سهولتون نه ملڻ تي پي سي بي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
اڳوڻي ڪپتان ۽ ايس اين جي پي ايل جي ڪوچ محمد حفيظ پي سي بي تي تنقيد ڪندي چيو ته فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ اسٽيڊيم ۾ ڊريسنگ روم ئي ناهي جڏهن ته رانديگرن لاءِ پاڻي ۽ واش روم انتهائي ناقص آهن.
سندس چوڻ هوته پي سي بي پنهنجي ڪوتاهين تي غور ڪري، چيمپيئنز ڪپ ته ڪاميابي سان ڪرايو ويو پر فرسٽ ڪالس تي ڪنهن جو ڌيان ڪونهي.
محمد حفيظ چيو ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ مان رانديگرن کي اسٽرائيڪر ڪئمپ اُماڻيو پيو وڃي جڏهن ته اسٽرائيڪر ڪئمپ آف سيزن ۾ ٿيڻ گهرجي ها.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي پر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي به اهميت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.