ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هڪ عورت ڦر جي نيت سان ايندڙ هٿياربند کي ڀڄائي ڇڏيو.
واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فيڊرل بي ايريا جي علائقي ۾ گهر ٻاهران بيٺل عورت چماٽ اولاري ڦرلٽ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
دستگير بلاڪ 14 ۾ گهر ٻاهران بيٺل عورت کي اڪيلو ڏسي هٿياربند ڦر جي ڪوشش ڪئي، ڦورو جيئن ئي عورت وٽ پهتو ته هن کيس چماٽ اولاري، جنهن تي ڦورو کسڪي ويو.
Next Post
You might also like