ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور فلم پشپا جي هيروئن رشميڪا مندنا ورزش دوران حادثي سبب زخمي ٿي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا کي جِم ۾فٽنيس سيشن دوران ڌڪ لڳڻ سبب سلمان خان ۽ وڪي ڪوشل جي فلمن جي شوٽنگ عارضي طور روڪي وئي آهي، جن ۾ اداڪارا پڻ شامل هئي.
رشميڪا مندنا سلمان خان جي ’سڪندر‘ ۽ وڪي ڪوشل جي ’ڇاوا‘ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
اداڪارا جي زخمي ٿيڻ سبب سندس ٻنهي وڏين فلمن جي شوٽنگ شيڊيول متاثر ٿيو آهي.
رشميڪا جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته هوءَ آرام ڪري رهي آهي، پهريان کان بهتر محسوس ڪري رهي آهي ۽ جلد ئي فلمن جي شوٽنگ شروع ڪندي.
ڊاڪٽرن رشميڪا کي مڪمل صحتيابي لاءِ مختصر وقفي جو مشورو ڏنو آهي ته جيئن هوءَ پنهنجو مصروف شوٽنگ شيڊيول چڱي ريت انجام ڏئي سگهي.
You might also like