ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان شان پولاڪ چيو آهي ته بالرن کي ” وائڊز تي وڌيڪ ڇوٽ “ڏيڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي ميڊيا نمائندي شان پولاڪ چيو آهي ته ڪميٽي بالرن کي ” وائيڊز تي وڌيڪ ڇوٽ“ ڏيڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، خاص طور تي جڏهن بيٽرز محدود اوورن واري فارميٽس ( ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ) ۾ ڪريز ۾ پنهنجي جاءِ تان هٽي ويندا آهن.
آءِ سي سي جو وائيڊ بال بابت قانون
سال 2022ع ۾ ايم سي سي جي ڪرڪيٽ قانون ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي.
دلچسپ ڳالهه اِھا آھي ته قانون بالرن جي فائدي لاءِ متعارف ڪرايو ويو پر شايد ان معاملي ۾ ھي قانون بيٽر جي فائدي ۾ رھيو.
ان قانون ۾ ڦيرڦار کان اڳ ايم سي سي لاز آف ڪرڪيٽ جي شق 22.1.1 ۾ وائيڊ بابت فيصلو امپائر جي ججمينٽ سان مشروط ھوندو ھو.
پر مارچ 2022ع ۾ ان قانون ۾ معمولي تبديلي ڪري شق 22.1.2 متعارف ڪرائي وئي جنهن تحت امپائر وائيڊ جو فيصلو بيٽر جي پوزيشن جي حساب سان ڏيندو.
ايم سي سي موجب” جديد راند ۾ بيٽرز تيزيءَ سان بال ھلڻ کان اڳ پنهنجي پوزيشن تبديل ڪندا آھن ۽ اھا بالر سان ناانصافي ھوندي جيڪڏھن سندس بال کي وائيڊ قرار ڏنو وڃي جيڪو ان جاءِ تان گذري جتي بيٽر پهريان بيٺو ھيو.“
ان شق ۾ اھڙي طرح ڦيرڦار ڪئي وئي آھي ته جتي بيٽر بيٺو ھوندو، ان سان وائيڊ جو فيصلو متاثر ٿيندو.
پولاڪ چيو ته هو ان معاملي تي سمورن لاڳاپيل ڌرين سان رابطي ۾ آهي.
پولاڪ چيوته ڏکڻ آفريڪي رانديگرن لاءِ ننڍي کنڊ جي ڪنڊيشن ۽ آءِ پي ايل ۾ حاصل ڪيل تجربو چيمپيئنز ٽرافي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
You might also like