ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٽن نسلن کان پ پ ۽ منهنجو خاندان ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، صدر زرداري جيترا وسيلا ڪراچي کي ڏنا ٻئي ڪنهن نه ڏنا.
ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائد عوام شهيد ڀٽو ڪراچي کي وڏا وڏا منصوبا ڏنا، شاهراهه فيصل، اسٽيل مل سميت ٻيا ڪيترائي اهم منصوبا ڀٽو ڏنا، محترمه بينظير ڀٽو سدائين ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته صدر زرداري جيترا وسيلا ڪراچي کي ڏنا، ايترا ڪنهن نه ڏنا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جيڪي منصوبا ڏنا اهي ڪامياب ٿيا، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪاروباري طبقي کي فائدو نه ٿيندو ته اهو توهان سان گڏجي ڪم ڇو ڪندو؟ مان وڏي وزير کي درخواست ٿو ڪيان ته اڳ ۾ بزنس ڪميونٽي کي مطمئن ڪيو، پوءِ عالمي سيڙپڪار پاڻ ايندا.
سندس چوڻ هو ته وفاق طرفان سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، ڪنهن نه ڪنهن بهاني وسيلا ناهن ڏنا ويندا، پ پ هاڪاري سياست تي يقين رکي ٿي.
”وفاق ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ پيو ڪري، صدر زرداري جيترا وسيلا ڪراچي کي ڏنا ٻئي ڪنهن نه ڏنا“
You might also like