ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اداڪارا نور بخاري هڪ ڀيرو وري سوشل ميڊيا واهپيدارن جي تنقيدي تبصرن جي ور چڙهي وئي.
ويجهڙ ۾ نور بخاري انسٽاگرام تي مڙس عون چوڌري ۽ ٻارن سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ نور کي ڪاري رنگ جي ميڪسي تي هلڪي رنگ جو اسڪارف مارڊرن اسٽائيل ۾ ٻڌل ڏٺو ويو هو.
مداحن کي نور بخاري جي رَئي کان بغير شئير ڪيل تصوير چيڙائي ۽ سوشل ميڊيا تي اداڪارا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
هڪ عورت واهپيدار اداڪارا جي تصوير تي تبصرو ڪندي لکيو ته ” باجي ان کي پَڳ چوندا آهن حجاب نه.“
هڪ ٻئي واهپيدار اداڪارا تي تنقيد ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ” هي ڪهڙي قسم جو حجاب آهي؟ جڏهن ته هڪ عورت صارف نور بخاريءَ جي حجاب کي پردي بدران ” turban “ قرار ڏنو.
اداڪارا هاڻي پاڻ تي ٿيل تنقيد تي خاموشي ٽوڙيندي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي آهي.
نور شيئر ڪيل اسٽوريءَ ۾ لکيو ته ” حجاب پائڻ يا مٿو ڍڪڻ منهنجي پنهنجي چونڊ آهي، هي مان اوهان لاءِ ناهيان ڪري رهي تنهنڪري منهنجي چونڊ تي تبصرا ڪرڻ بند ڪيو.“
هن چيو ته ” مان حجاب پهريان يا رَئو پايان، اِهو اوهان جو مسئلو نه آهي، منهنجي قبر جو حساب اوهان کي ڏيڻو آهي ته ڳالهايو نه ته چُپ رهو. “
You might also like