ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو مقصد رڳو اختيار قائم رکڻ آهي، انهن کي جائز ۽ ناجائز جي ڪا پرواهه ناهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته خالد مقبول هن لاءِ قابل احترام آهي، هو ايڪٽ سمجهڻ لاءِ سندس گهر آيو هو.
هن چيو ته شڪايت اسان کي پنهنجن سياستدانن سان آهي، جن کي آئين، قانون ۽ اصولن جو ڪو احساس ناهي، اهي رڳو پنهنجو اقتدار چاهين ٿا، حڪومتي مُدو مڪمل ڪرڻ جي اهميت ناهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ اندر سڀئي معاملا قومي اتفاق سان حل ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ جي سطح تي مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ قانون سازي ٿي چڪي آهي، صدارتي آرڊيننس ذريعي مدرسن جي رجسٽريشن ۾ رليف ڏنو ويو آهي، اسان کي اعتراض ناهي، حڪومت ڪجهه مدرسا کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ قدم کنيا آهن.
جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته اڃا تائين اسٽيبلشمينٽ جو رويو تبديل ناهي ٿيو، هڪ پولنگ اسٽيشن تان به نه کٽڻ واري کي کٽايو ويو، جائز ناجائز جي انهن کي ڪا پرواهه ناهي، رڳو اختيار کي قائم رکڻ ئي اسٽيبلشمينٽ جو مقصد آهي، اسٽيبلشمينٽ ماڻهن جي ووٽ جو مذاق اُڏائي ٿي ته عوام پوءِ اسٽيبلشمينٽ جو ڇو مذاق نه اُڏائي؟ اسٽيبلشمينٽ جو غير سياسي هجڻ به سياسي آهي.
اسٽيبلشمينٽ جو رويو تبديل ناهي ٿيو، غير سياسي هوندي به سياسي آهي: فضل الرحمان
You might also like