ڳالهين جو اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهيان پر ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته ڳالهين جي ڪميٽين جو اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهيان پر ڪنهن رابطو ناهي ڪيو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته ڪميٽين جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ اپوزيشن يا حڪومت مان ڪنهن رابطو ناهي ڪيو، پي ٽي آءِ ڪميٽي جي پي ٽي آءِ سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، اها منهنجي ذميواري ناهي.
هن چيو ته حڪومت ۽ اتحادي فيصلو ڪري وٺن ته ملاقات ٿي سگھي ٿي يا نه، ڌريون جڏهن چونديون ته هڪ ٻه ڏينهن جي نوٽيس تي اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهيان.
سندس چوڻ هو ته 4 جنوري تي اسد قيصر کي واضح ڪيو هو ته پي ٽي آءِ سان ملاقات جو مطالبو حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي، رانا ثناءُ الله ۽ ٻين اڳواڻن سان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ سڌي ريت به ڳالهائي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.