اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڇوڪرين کي تعليم کان محروم ڪرڻ، روشن مستقبل کان محروم ڪرڻ آهي.
اسلام آباد ۾ ڇوڪرين جي تعليم، چيلينجن ۽ موقعن جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ڇوڪرين جي تعليم تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم لاءِ وڏا چيلينج موجود آهن، ان مقصد لاءِ آواز اٿارڻ ۽ وسيلن کي مختص ڪرڻ ضروري آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون آبادي جو اڌ حصو آهن پر خواندگي جي شرح رڳو 49 سيڪڙو آهي، اسڪول کان ٻاهر ٻارن ۾ به ڇوڪرين جو انگ تمام گهڻو آهي، ان لاءِ آواز بلند ڪرڻو پوندو.
وزيراعطم پاڪستاني عورتن جو ذڪر ڪندي چيو ته فاطمه جناح پنهنجي ڀاءُ قائداعظم سان گڏ بيٺي هئي، بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي، ملالا يوسفزئي بهادري ۽ همت جي علامت آهي، ارفع ڪريم پڻ آءِ ٽي جي دنيا ۾ تاريخ رقم ڪئي، اڄ مريم نواز پهرين عورت وزيراعليٰ آهي.
You might also like