پشاور(م ڊ) ڪرم ۾ حڪومتي قافلي تي فائرنگ بعد ڌرڻي سبب ٽل کان پارا چنار تائين شاهراهه ڪالهه به بند رهي، لوئر ڪرم مندوري ۾ ڌرڻي سبب مين هاءِ وي اڃا تائين بند آهي، ڌرڻو هڻي ويٺل مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته مطالبن جي مڃتا تائين مين شاهراهه بند رهندو، ٻي پاسي خيبرپختونخواهه حڪومت پاران کاڌي پيتي جو سامان، دوائون ۽ ٻيو سامان کڻي 40 ٽرڪن جو پهريون قافلو ٽل کان بگن ۽ پارا چنار پهچي ويو، هاءِ ويز کولڻ جي 94 ڏينهن کانپوءِ 10 ٽرڪون ۽ 30 ٽرڪون پاراچنار پهتيون، ان کان اڳ امدادي سامان کڻي ويندڙ قافلي جي فضائي نگراني ڪئي وئي، ان کان اڳ ڀاڄين، ميون ۽ خراب ٿيل سامان سان ڀريل ڪجهه ٽرڪون واپس پشاور موڪليون ويون.