سمنڊ پار پاڪستانين کي پئسا نه موڪلڻ جي اپيل جو اثر جلد نظر ايندو: پي ٽي آءِ

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم ۽ ڪي پي جي صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي پئسا نه موڪلڻ جي اپيل جو اثر ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ نظر ايندو. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ وقاص اڪرم چيو ته مالي سال 2022ع ۾ 32 ارب ڊالر جون موڪلون هيون، جڏهن ته 2024ع ۾ اها 27 ارب ڊالر هئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه تي ڪل 725 ارب رپين جو قرض آهي، شهباز  شريف هڪ هفتي ۾ ايترو قرض کڻي ويو، پنجاب جا ماڻهو هاڻي اسان جي آفيسن کان پڇي رهيا آهن ته اسان معيشت ڪيئن بهتر ڪئي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.